دنيا جو جڏهن وجود ٿيو ان ڏينهن کان پوءِ ھن ڏينهن تائين دنيا جي گول ۾ شامل زمين جي مختلف ٽڪرن ۾ مختلف قومن، نسلن، ذات، مذهبن جنم ورتو آھي ۽ جيئن جيئن دنيا ۾ قومن، ذات، مذهبن جو وجود ٿيندو ويو تئين، تئين وقت گذرڻ سان انهن ۾ رهڻي ڪهڻي ۾ تبديلي ايندي رهي ۽ وقت گذرڻ سان انسان جي زندگي ۾ جيڪي پهريان شيون شامل هونديون آھن اهي ختم نه ٿينديون آھن بلڪي نئيون شيون وجود ۾ اينديون آھن نئين ماحول جي مٽا سٽا ۽ وقت جي گذرڻ سان نئين شين جي اپنائڻ سان پراڻين رسمن، رواجن، طور طريقن کي نقصان رسندو آھي ڇاڪاڻ ته نئيون تخليق ڪيل شيون پراڻين شين کان ڪجهه حصا بهتر ۽ سهولتڪار هونديون آھن شايد انهي ڪري پراڻين شين جو واهپو ختم ٿيندو ويندو آھي. پر خدا طرفان تخليق ڪيل هن زمين جي ماضي ۾ ڇاٿيو انسان، جانورن جي رهڻي ڪهڻي انهن جو گذر سفر، رسمن رواجن، طور طريقن کي ڄاڻن تمام ضروري هوندو آھي، ڇاڪاڻ ته ماضي جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ سان هر انسان جي تجربي ۾ اضافو ٿيندو آھي، جنهن ڪري هو پنهنجي زندگي کي ماضي ۾ پيش آيل واقعن کي مد نظر رکي بهتر نموني گذاريندو آھي ۽ ماضي ۾ پيش آيل واقعن، قصن، ڪهاڻين، نقصانن، فائدن مان ڄاڻ حاصل ڪري موجوده زندگي کي بهتر نموني گذاري سگهجي ٿو جنهن سان ناڪام ٿيڻ جا خدشا تمام گهٽ هوندا آھن دنيا جي ٻين پراڻن ٽڪرن جي قومن جيان سنڌي قوم جي به تهذيب ۽ ثقافت تمام پراڻي آھي، جنهن جو اندازو سموري دنيا موهن جي دڙي مان لڳائي چڪي آھي ته سنڌي قوم هن زمين جي تمام پراڻي قوم آھي. سنڌ جي ماضي واري دور ۾ ماڻهن جي زندگي گذارڻ جو طور طريقو، پوشاڪ، کائڻ پيئڻ، گهمڻ، ڪم ڪار، پوکي جو طريقيڪار ڪيئن هوندو هيو اهو ھن جديد دور جي هر عمر جي فرد کي ڄاڻڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته هو سنڌ ڌرتي تي رهن ٿا جنهن ڌرتي کي بچائڻ لاءِ ڪيترن ئي سنڌين سالن جا سال تحريڪون هلائي پنهنجي خون سان شاد ۽ آباد رکيو. پاڪستان جي آزادي کان پوءِ جڏهن پاڪستان جو نقشو دنيا جي گول ۾ شامل ٿي ويو ته پاڪستان ترقي پذير ملڪن ۾ شامل ٿي ويو ۽ پاڪستان ۾ به ٻين ملڪن جيان تبديلون اينديون رهيون تعليم، راند، ٽيڪنالاجي سميت دنيا جي ترقي يافته ملڪن سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي هلڻ ڪري پاڪستان مان به ماضي جون شيون ختم ٿينديون ويون جنهن سان سنڌ صوبي جي ثقافت کي به تمام گهڻو نقصان پهتو.
پاڪستان جي آزادي کان پوءِ سنڌ ۾ رهندڙ ماڻهن به پنهنجو پاڻ کي دنيا جيان ماڊرن بڻائڻ پئي چاهيو جنهن ڪري سنڌ جي ثقافت سنڌي ٽوپي اجرڪ، سگهڙ ڪچهرين، ميلن، ملاکڙن، مچ ڪچهرين سميت سنڌ جي هر قسم جي ثقافت کي نقصان رسيو، ٽيڪنالاجي جي نشي ۾ سنڌ واسي ايترا ته مدهوش ٿي ويا جو کين ٻين صوبن جي مختلف ٻولين وارا ماڻهو کين هزارين سالن کان هلندڙ سنڌي ٽوپي اجرڪ واري ثقافت تي تعنا هڻڻ لڳا ته سنڌي اڻ پڙهيا ماڻهو سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پائي ڪري ايوانن ۽ اسمبلين ۾ ويٺل آھن جنهن بعد سنڌ جي سمورن چئنلن اخبارن ۾ ڪم ڪندڙ پڙهيل لکيل ماڻهن، اديبن، شاعرن، سگهڙن جي رڳن ۾ هلندڙ خون جي هر قطري کي باهه لڳي ته اسان جي سنڌ امڙ ۾ سالن جي ثقافت کي اهي ماڻهو تعنا ڏئي رهيا آھن جن جو ماضي جي پنن ۽ قومن جي وجود سان ڪو تعلق به نه آھي، اهي انهي قوم جي توهين ڪري رهيا آھن جيڪا هزارا سال پراڻي آھي، انهي قوم جي تهذيب ۽ ثقافت جي توهين ڪئي وئي،
ڪجهه ملڪ دشمن ۽ سنڌ دشمنن جي زبانن مان سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ خلاف نڪتل لفظن ايترو نه سنڌ امڙ کي جيئاري ڇڏيو جو هر سنڌ واسي جي مٿن تي سنڌي ٽوپيون ۽ ڪلهن تي اجرڪ پئجي ويا سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت تي وار ڪندڙن کي شايد اها خبر نه هئي ته سنڌ ڌرتي جا مهمان نواز ماڻهو پنهنجي ڌرتي سان ڪيترو پيار ڪندا آھن، سنڌي ميڊيا پاران سنڌ امڙ جو ڏهاڙو ملهائڻ واري اعلان کان پوءِ سنڌ جي اسڪولن، ڪاليجن، يونيورسٽي سميت ٻين درسگاهن ۾ سنڌي ٽوپي، اجرڪ سميت سنڌ جي ٻئي ماضي جي ثقافتي ڏهاڙن ملهائڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آھي جنهن ڪري هن جديد دور ۾ پينٽ شرٽ پائيندڙن جي به مٿن ڪلهن تي ٽوپيون ۽ اجرڪ هوندا آھن لڳندو ائين آھي ته پڙهيل لکيل طبقو ڄاڻي ويو آھي ته زنده قومون اهي هونديون آھن جن جي تهذيب ۽ ثقافت محفوط هوندي آھي ۽ اها ثقافت ۽ تهذيب نسلن کان جاري هجي ته اهي قومون ڪاميابي ۽ پيار محبت جي راهه تي گامزن هونديون آھن. بغير تهذيب جي قومون تباهه ۽ برباد ٿي وينديون آھن. سنڌ سان محبت وارو ڏهاڙو ايڪتا ڏينهن جي اعلان کان پوءِ سموري سنڌ ۾ صدين کان جاري سگهڙ ڪچهرين جو سلسلو ٻيهر شروع ٿي ويو آھي. اوطاقن تي ڪچهريون ٻيهر شروع ٿي ويون آهن. سنڌ جي مهمان نوازي، ڪوڏي ڪوڏي، ملهه مقابلو، ميلن ملاکڙن ٻيهر جنم ورتو آھي سنڌ جي ثقافتي گيتن تي سنڌ جو هر ننڍو وڏو ٻار جمهومي سنڌ جي گيتن کي پنهنجي زبانن تي ورجائي رهيو آھي، سنڌ جي ماضي ۽ موجوده حال ۾ پيش ايندڙ واقعن کي به پيش ڪيو پيو وڃي، اسڪولن ۾ ٻارڙن کي موجوده مسئلن جي حل ۽ پيش ايندڙ حادثن بابت به تياري ڪرائي کين ٽيبلوز پيش ڪرايا پيا وڃن ته جيئن سنڌ ڌرتي تي رهندڙ هر ٻار ڄاڻي اسان جي سنڌ ڪيتري حسين هئي ۽ آهي، سنڌ جي شهرن ۾ رهندڙ ٻارڙن توڙي نوجوان طبقي کي اها خبر نه هئي ته اسان جي ثقافت ۽ تهذيب ڪهڙي هئي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جا تحفا ڪڏهن وجود ۾ آيا پر سنڌ سان پيار جو ڏهاڙو ملهائڻ سان هر ڪوئي ڄاڻي ويو آھي ته سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت ڪيتري پراڻي آھي جن سنڌ خلاف ڳالهايو اڄ اهي سنڌ ۾ پيار محبت جون خوشيون ڏسي ڪوماٽجي ويا آھن ته سنڌ ڌرتي سان سنڌ واسي ايترو پيار ڪندا آھن جو ڪڏهن سوچيو به نه هو، سنڌ جي هر گهٽي ۾ سنڌ سان محبت جا گيت، شعر، وائيون گونجي رهيون آھن. سنڌ جي ماضي جون رانديون ٻيهر کيڏيون پيون وڃن جنهن سان ماڊل قسم جي نوجوانن کي پنهنجي سرزمين بابت تمام گهڻي ڄاڻ ملي رهي آھي، جنهن سان هو پنهنجي زندگي کي جديد دور ۾ بهتر نموني گذاري سگهندا.
بين الااقوامي سطح تائين سنڌي ٽوپي اجرڪ جي ڏهاڙي کي ڏٺو پيو وڃي ٽيڪنالاجي سان ڀريل دنيا هاڻي سنڌ ڌرتي مان اهو سبق پرائي رهي آھي ته پنهنجي سرزمين سان محبت ڪيئن ڪبي آھي. سنڌ امڙ سان محبت ۽ گيتن تي ٻارڙن جا رقص ۽ ٻيون ثقافتي سرگرميون سنڌي ميڊيا جي چئنلن ۽ اخبارن جي سرخين ۾ ڏسي ائين لڳندو آھي ڄڻ ته سنڌ کان رسي ويل خوشيون وري واپس موٽي آيون آھن، اڄ سنڌ سان محبت ايڪتا جو ڏينهن آهي هر سنڌ واسي کي گهرجي ته هو هر ذات پات، مذهب وساري سنڌ سان پيار محبت جو ڏينهن ملهائي، جيئن دنيا ڄاڻي سگهي ته سنڌ ڌرتي صدين کان ثقافت ۽ تهذيب سان مالا مال آھي ڌرتي ڌرتي پيار محبت امن جو درس ڏيندڙ ڌرتي آهي.