بدين (رپورٽر) پهرين ڊسمبر تي ايڪتا ريلي ڪڍڻ تي گولاڙچي پوليس قومي ڪارڪنن مٿان ڏمرجي پئي، ثقافتي 12 سڃاتلن سميت 20 ڄڻن تي روڊ بند ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪري ورتو، گرفتارين لاءِ ڳوٺن تي ڇاپا جاري آھن،گولاڙچي ٿاڻي تي سرڪار جي فرياد تي 12سڃاتل ۽ 8 اڻ سڃاتل قومي ڪارڪنن تي گولاڙچي گئس فيلڊ وٽ روڊ بند ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ڄاڻايل ڪيس ۾ جسقم اڳواڻ ناز نوتڪاڻي، محفوظ سنڌي، امداد علي، عمران، درياءَ خان نوحاڻي، عابد، علي مراد، غلام الله، شڪيل، امجد ۽ زمان نوحاڻي سميت 20 ڄڻا شامل آھن، جڏھن ته سنڌي نوجوانن پاران ايڪتا ثقافتي ڏينھن پنھنجي ثقافت جون خوشيون ملھائڻ خلاف ڪيس داخل ڪرڻ تي گولاڙچي جي عوام ۾ رنج ۽ ڪاوڙ جي لھر ڇانيل آھي، ٻئي طرف جسقم پاران ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 6 ڊسمبر تي احتجاج ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي .