کوڙين سال اڳ، جڏھن پنھنجي تَرَ جي وڏي ۾ وڏي علم ڀومي يعني لطيف يونيورسٽيءَ طرفان اسان آرڪيالاجيءَ جي ماسٽرس ڪلاس جي شاگردن جي ھڪ تعليمي وِزٽ موھين جو دڙو جي رکي وئي ھئي، اسان ھڪ عجيب سرخوشيءَ ۾ سرشار يونيورسٽيءَ جي پوائنٽ ۾ موھين جي دڙي طرف ھليا ھئاسين، اھو سفر پنھنجي پراسراريت ۽ پنج ھزار سال اڳ جي ھڪ پراچين شھر کي ڏسڻ جي شوق ۾ ايئن گذري ويو جو خبر ئي نه پئي ۽ پوائنٽ موھين جي دڙي جي ميوزيم سامھون ھڪ لان جي ڪنڊ ۾ بيھي رھي. مان جيئن بس مان لٿو ھئس ته چئني پاسن کان ڇانيل ھڪ عجيب ۽ اڻ لکي خاموشيءَ ۾ ويڙھجي ويو ھئس. منھنجو مَنُ تسليم ئي نه ڪري رھيو ھو ته ھِي ڦٽل شھر واقعي ڪو ڦٽل آھي ۽ اتي منھنجي ذھن ۾ پنھنجي پاڙيسري ھڪ ملان جا عجيب جملا ڪنن ۾ گونجڻ لڳا ھئا ،جنھن کي مان پنھنجي مطالعي واري ڪمري ۾ چانھ پيئارڻ بعد موھين جي دڙي جي وِزٽ جون تصويرون ڏيکاري رھيو ھئس، ھن اسٽوپا کي ڏسندي ئي چيو…، “ھِيءُ شھر خدا جي قھرَ جو شڪار ٿيل آھي، ان شھر ۾ مسلمانن جو وڃڻ سخت منع آھي”. ان تي مون کيس چيو ھو..، “لڳي ٿو تنھنجا ابا ڏاڏا به ارغونن ۽ ترخانن سان گڏ ئي ھن ڌرتيءَ تي ھِلين جيان لٿا ھئا ۽ توھان اڄ تائين اسان جي ڌرتيءَ جي جيئري جيري کي ٺونگا ھڻي کائي رھيا آھيو”.  پر مون کي لڳو ھو، ھُو شايد منھنجي ڳالھ نه سمجھي سگھيو ھو ۽ تسبيح ڦيريندو مسيت طرف مُڙي ويو ھو. مان جڏھن جڏھن به پاڪستان جي تاريخ تي ڪو مضمون يا ڪتاب پڙھندو آھيان، ان ۾ واضح طور تي فاضل ليکڪ محسوس ڪرائيندو آھي ته، پاڪستانَ ۾ سنڌ جيڪڏهن شامل ٿيل آھي ته اھو پاڪستاني اشرافيه ۽ انھن جي حمايتي سياستدانن جي خواھش نه بلڪه احسان آھي، نه ته سنڌ ۾ ظاھر ظھور ڪجھ به ڪين آھي، ھڪ ڀڙڀانگ صوبي ۾ ماڇي ڳوٺ کان ڪراچيءَ تائين رڳي سُڃَ ئي واڪا ڪري ٿي….وڏي بي شرميءَ وچان لکيل اھڙن جملن مان ايئن به محسوس ڪرايو ويندو آھي ته، پاڪستان تنھن ڏينھن وجود ۾ اچي چڪو ھو، جڏھن گڏيل ھندستان ۾ پھريون ھندو مسلمان ٿيو ھو يا پاڪستان ملڪَ جي تاريخ شروع ئي محمد بن قاسم جي ڪاھَ کان ڪئي ويندي آھي، يعني 712 عيسويءَ کان جڏھن حجاج بن يوسف جي حڪم تي بن قاسم سنڌ طرف ڪاھي پيو ھو.. پاڪستان جي سموري تاريخ جيڪڏهن سچائيءَ سان ڏسجي ته ڌارين جي تعريف ۽ انھن کي بي شرميءَ وچان پنھنجي ملڪ جو رھواسي سمجھي لکيل آھي، مغلن کان وٺي بلبن، غورين ۽ غزنوين جي تاريخ پڙھي مون سدائين ايئن محسوس ڪيو آھي ڄڻ اھي غاصب اگر ننڍي کنڊ تي حملا نه ڪن ھا ته اھا ھڪ تاريخي ويساھ گھاتي ھجي ھا ۽ پاڪستاني اشرافيه ۽ ان جي پالتو تاريخ دانن کي مجبورن ھتان جي سورمن کي اھميت ڏيڻي پئجي ھا، پر انھن طبقن جي ڪمال واري نڪ پڪائيءَ ان مان چٽي چٽي نيشانبر آھي ته انھن ڌارين جي ھڪ وڏي لوڌ کي اسان جي پرائمري اسڪولن کان وٺي يونيورسٽين تائين ھن ملڪ جا اصل مالڪ ۽ نصابي ھيرو بڻائي پيش ڪيو آھي، جنھن جي جواب ۾ ضروري آھي ته ڪا جاڳرتا مھم ھلائجي….تاريخ جو ان کان وڏو جبر ٻيو ڪھڙو ھوندو جو منھنجي ڳوٺ جي ھاءِ اسڪول جو ٻار به اھو ئي سمجھي ٿو ته پاڪستان وجود ۾ اچي ئي ڪونه ھا، جيڪڏھن برصغير تي محمد بن قاسم حملو نه ڪري ھا. اھا بدقسمت راءِ 1947ع کان وٺي اسان جي نصاب مٿان ٿاڦيل آھي، جنھن مان جان آجي ڪرائڻ لاءِ پي پي پي جي سونھري ڪلنگين واري ٻيڙيءَ ۾ ڪيترائي سوڪالڊ سنڌ پرست ويٺا ته آھن پر انھن جي ايجنڊا تي اھڙي ڪابه سرگرمي نظرجي ڪانه ٿي. اھو اڻ اعلانيل سمجھوتو خبر ناھي ڪنھن سان ڪيو اٿن جو ڳالھائڻ تي اچن ٿا ته سنڌ سنڌ ڪندي زبان ئي ڪونه ٿي ٿڪجينِ، مگر اصل تاريخ لکڻ ۽ ان کي پرائمري سطح تائين لاڳو ڪرڻ ۾ سندن آڏو خبر ناھي ڪھڙيون منافقيون ۽ سمجھوتا اچي وڃن ٿا. دنيا جي ملڪن جي پرائمري سطح جي تعليم ڏسجي ته انھن پنھنجي ابتدائي تعليم جو بنياد واري سِر رکي ئي سچ ۽ حقيقت تي آھي، مگر اسان جي پاسي سڄو ٽڀو ئي اونڌو ٿيل آھي.

ان بعد ھڪ ٻي مصيبت اھا به اسان مٿان ٿاڦيل آھي جو اسان جي ننڍڙن ۽ ابھم ٻارڙن جي ڪچن ذھنن ۾ مذھبي تعليم کي زھرآلود ڪري ان ۾ ڄاڻي واڻي فرقا پرستيءَ جو زھر ملائي پئٽيو ويو آھي ۽ اھو ٻار وڏو ٿي ٻيو ڪجھ ٿئي نه ٿئي اھو ڪٽر سُني يا بريلوي ضرور ٿي وڃي ٿو ۽ پوءِ ان ٻار لاءِ ٻيا سمورا فرقا ڪچي گار جيان بڻجي وڃن ٿا، نتيجي ۾ ھُو پوري زندگي اسلام کي انھن بُراين کان بچائڻ ۾ گذاري ڇڏي ٿو، اھو ئي سبب آھي جو اسان جي شھر جي ڪاليج جو فزڪس جو ليڪچرار ڊارون واري ارتقا جي ٿيوري پڙھائڻ بعد جڏھن اسٽاف روم ۾ اچي ٿو ته وڏي واڪي اعلان ڪري ٿو ته، اللھ معاف ڪري مان ٻارن کي ڪفر پڙھائي آيو آھيان….قيامت ۾ منھنجو حشر الائي ڪھڙو ٿيندو پر مزي جي ڳالھ  اھا آھي جو، اھو ئي اُستاد جڏھن پنھنجي پگھار وٺي ٿو ته کيس ھڪ لمحي لاءِ به شرم محسوس نه ٿو ٿئي ته ڇا ھُو حق حلال جي پگھار کڻي پنھنجي پچڙن کي پالي رھيو آھي؟؟

اھو تضاد ۽ اھو فريڪشن اسان کي ھر شعبي ۾ نظرجي ٿو، منھن ۾ ملان، اندر آزر آھيئين.. پر اھڙي ماحول ۾ ڊاڪٽر پرويز ھُودڀائيءَ جھڙا سرفروش به آھن، جيڪي وڏي واڪي فزڪس جي عالمي اصولن جي پوئواري به ڪن ٿا ۽ انھن جو پرچار به ڪن ٿا، ان جي موٽ ۾ جيڪي مغلضات بواسير ورتل ذھنن مان اھڙن ماڻھن لاءِ نڪرن ٿا، ان مان پتو پوي ٿو ته، اسان جي قوم ھڪ نمبر جي منافق ۽ دو نمبر قوم آھي، انگريز مائيڪل فيراڊي جي ٺاھيل بجليءَ جو بٽڻ آن ڪري ۽ ايڊورڊ ڪيلوگ جو بڻايل لائوڊ اسپيڪر کولي جمع نماز جي خطبي ۾ انھن ئي ڪافرن کي لعنتن جي ريهه لائي ڏين ٿا، جن جون سھولتون ھُو ڏينھن رات پنھنجي گھرن ۽ مسيتن ۾ استعمال ڪندي  ٿڪجن ئي نه ٿا.

ڳالھ پئي ھلي موھين جي دڙي جي وِزٽ جي….ته اسان جڏھن اسٽوپا مٿان چڙھي چئوڌار نظر ڦيرائي ھئي ته منھنجي ذھن ۾ ھڪ اھڙو شھر ڦرڻ لڳو ھو، جيڪو سنڌ جو نج پنھنجو شھر ھو، “ميلوھا ” جي نالي وارو اھو شھر، پنھنجي وقتن ۾ ڪيڏو نه ترقي يافته ھو، ان جو اندازو رڳو ان مان لڳائي سگھجي ٿو ته، وڏي حوض يا گريٽ باٿ جي نيڪال واري ڪنڊ ۾ 5000 سال اڳ به ڏامر جو استعمال ٿيل نظرجي رھيو ھو، اھو سسٽم ايترو ته ڪمال جو ھو جو، مھا حوض ۾ جڏھن پاڻي کٽڻ لڳندو ھو ته آٽوميٽڪ طريقي سان حوض ۾ پاڻي پاڻ ھورتو ئي پئجڻ لڳندو ھو ۽ جڏھن حوض پنھنجي مقرر حد تائين ڀرجي ويندو ھو ته پاڻي پئجڻ خودڪار سسٽم تحت بند ٿي ويندو ھو. اھا سائنس اڄ به عجيب لڳندي آھي پر انھن وقتن ۾ اھا ھڪ وڏي ترقي ليکبي ھئي، ان کان علاوه موھين جي دڙي يا ميلوھا شھر جي ھر گھر آڏو ھڪ کوھ کوٽيل ھوندو ھو، جنھن جو پاڻي ڦرڻين سان ٽن يا چئن ماڙن وارين بلڊنگن جي مٿين ماڙ تي آسانيءَ سان پھچي ويندو ھو. ميلوھا جي شھر ۾ گھرن جي ترتيب ايتري ته ڪمال جي رکيل ھئي جو جڏھن جڏھن به بارشون ٿينديون ھيون ته شھر ۾ ھڪ ڦُڙو پاڻيءَ جو به نظر نه ايندو ھو، سمورو پاڻي نالين ذريعي شھر کان ٻاھر نيڪال ٿي ويندو ھو.

پنھنجي دور جي ان عظيم سڀيتا جي وارث سنڌين جي اڄوڪي دور ۾ حالت ڏسجي ته رڳو ھڪڙي منٽ لاءِ به، اھو لڳي ئي ڪونه ٿو ته اھي ايڏي شاندار سڀيتا ۽ تھذيب جا اڏيندڙ رھيا آھن ۽ ان تسلسل جي ڪڙي ڪٿي اچي اھڙي ته الوپ ٿي وئي آھي جو اڄ تائين نه ٿي لڀجي.

اڄ اسان جي سنڌ جو اھو ڏھاڙو آھي، جيڪو صرف ۽ صرف ان جي لاءِ مخصوص آھي ته اسان اڳتي يعني آئيندي ۾ ڏسڻ سان گڏوگڏ اڄوڪي ڏينھن تي پوئتي به ڪنڌ لاڙي پنھنجي ان ماضيءَ کي ڏسڻ ۽ ان مان ڪجھ پرائڻ جي ڪوشش ڪريون، جنھن ماضيءَ پنھنجي وقتن ۾ دنيا جي تھذيبن جي سرواڻي ڪئي آھي ۽ اھا سرواڻي اڳتي ھلي ڪيئن ۽ ڪٿي الوپ ٿي وئي جو اڄ تائين ان جا پيرا ئي نه ٿا لڀن. مون کي لکڻ ڏيو ته مان لاڙڪاڻي جھڙو جديد شھر گھمڻ بعد جنھن پاڪستان کي وڏا وڏا سياسي نالا ارپن ڪيا آھن، انھن جي حڪومتي دورن ۾ لاڙڪاڻي ڪھڙي ترقي ڪئي، ان جي لاءِ سن  2010ع جون بارشون ئي ڪافي آھي، جن ۾ پورو شھر ڪنھن تلاءَ جو ڏيک ڏيڻ لڳو ھو پر انھيءَ شھر کان رڳو ستاويھ ڪلوميٽر ڏکڻ پاسي ميلوھا يا موھين جي دڙي شھر جي گھٽين ۾ بارش جو پاڻي ھڪ ڦڙي جي مقدار ۾ به جمع نه ٿيو، سمورو پاڻي شھر جي 5000 سال پراڻين نالين مان وھي شھر کان ٻاھر نڪري ويو. ان کي چوندا آھن اربن پلاننگ يا شھري پلاننگ، جيڪا ھن وقت اسان جي جديد شھرن ۾ لڀي ئي ڪانه ٿي.

ھن مھل جڏھن اسان سڀ ايڪتا جو ڏھاڙو ٻارين ٻچين ملھائي رھيا آھيون، ان جون مبارڪون ته پنھنجي جاءِ تي آھن ئي آھن پر اھو به سوال کڙو ڪرڻ جي ھِيءَ دل جرئت ڪري رھي آھي ته سنڌ جو اُھو پنج ھزار سالن وارو عظيم ائوج ڇا ٻيھر واپس وري سگھي ٿو… مان يڪ ٽِڪ پنھنجي ڪمري جي گھڙيال ڏانھن ڏسي رھيو آھيان، گھڙيال تيزيءَ سان 2025ع جي سال طرف وڌي رھيو آھي پر منھنجي ئي گھر آڏو منھنجي پاڙيسريءَ جي گھرواري پنھنجي گھر کي صاف شفاف بڻائڻ بعد سمورو گند ڪچرو پنھنجي در جي آڏو روڊ تي اڇلي زور سان دروازو بند ڪري ڇڏي ٿي….منھنجو خيال آھي منھنجي سوال جو ان کان وڌيڪ مستند ڪو جواب ڇا ٿي سگھي ٿو!!