ايڏي جاني ۽ مالي نقصان جو ڪير نوٽيس وٺندو؟

0
56
ايڏي جاني ۽ مالي نقصان جو ڪير نوٽيس وٺندو؟

  هن وقت تقريبن اڌ پاڪستان وفاقي حڪومت، صوبائي حڪومتن ۽ رياستي ادارن جي نااهلي سبب جنهن قيامت مان گذري رهيو آهي، تنهن جو ماضي ۾ مثال نٿو ملي. تقريبن جيڪي ساڍا ٽي ڪروڙ ماڻهو متاثر ٿيا آهن، اهي صرف ئي صرف وفاقي حڪومت، سنڌ حڪومت، ڪي پي ڪي حڪومت، بلوچستان جي حڪومت ۽ نيشنل ڊزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي جي نااهلي، ڪرپشن ۽ وقت تي ڪوششون نه وٺڻ جي نتيجي ۾ دربدري واري زندگي گذاري رهيا آهن. اهي نه صرف بي گهر آهن، پر هاڻي بي وسيلا به ٿي ويا آهن، انهن جا آباد گهر ۽ اڱڻ اڄ انهن سڀني رياستي ۽ حڪومتي ادارن جي نااهلي سبب اجڙي ويا آهن ۽ اتي ڪيترن فوٽن تائين پاڻي بيٺو آهي. انهن جي گذر معاش لاءِ جيڪي جانور ۽ ٻيا مويشي هئا اهي سيلاب ۽ ٻوڏ جي پاڻي ۾ لڙهي مري ويا آهن، انهن جي زمين جو جيڪو ٽڪرو آباد هو، اهو اڄ پاڻي جي ڍنڍ بڻجي چڪو آهي. انهن جو جيڪو ننڍو وڏو ڪاروبار هو. اهو اڄ مڪمل طور تي تباهه ٿي ويو آهي. اهي ماڻهو جيڪي ڪنهن وٽ هڪ رات مهمان ٿي رهڻ کي به مناسب نه سمجهندا هئا، اڄ روڊن، رستن، اسڪولن ۽ ڪئمپن تي پناهگيرن واري زندگي گهارڻ تي مجبور آهن. جيڪي مهمان نواز هئا، اڄ انهن جون اوطاقون نه رهيون آهن ۽ اهي خود انتظار ۾ آهن ته ڪٿان ڪي ٻه گرهه ماني جا ملن. اهي سوچين ٿا ته هاڻي سندن گهر وري ڪيئن ٺهندا؟ اهي سوچين ٿا ته جن ٻڪرين، رڍن ۽ ڍڳين تي پوري ڪٽنب جو گذارو هو، اهو وسيلو ته ويو هليو، هاڻي زندگي جو گاڏو ڪيئن هلندو؟ اهي سوچين ٿا ته نياڻي جو جيڪو ڏاج ڏهه سال گڏ ڪيو هو اهو ته هڪڙي ڌڪ ۾ پاڻي ۾ لڙهي ويو، هاڻي نياڻي کي اٿاري سگهندس؟ اهي سوچين ٿا ته ٻارڙا وري اسڪول وڃي سگهندا؟ نياڻي وري پڙهي سگهندي؟ اجڙيل اڱڻ وري ساڳي طرح آباد ٿي سگهندا؟ بظاهر اهي خاموش آهن، رات جي اونداهي ۾ انهن جو اکيون آليون ۽ اُداس آهن ۽ نهار آسمان ڏانهن آهي، اهي اُداسي جي اهڙي وادي جا رهواسي بڻجي چڪا آهن، جتي اميد ۽ روشني جا ڪرڻا پري پري تائين نظر نٿا اچن. انهن جا خواب ساڀيان ماڻڻ کان اڳ موت ماڻي چڪا آهن. انهن جو اميدون ۽ آسون آسرو پلي آخري پساهه کڻي رهيون آهن. بظاهر صحتمند نظر ايندڙ اهي هڪ اهڙي مستقل مرض ۾ وٺجي ويا آهن، جنهن جي علاج جو انهن کي ڪو به آسرو نظر نٿو اچي. گذاريل خوشحال زندگي ڄڻ ته ڪو خواب هو، فريب هو، جر تي ڦوٽو هو.

هڪڙي پاسي اهڙي ڀيانڪ تباهي جو منظر آهي، ته وري ٻئي پاسي سنڌ حڪومت جا وزير صاحبان ۽ وزيراعليٰ صاحب فرمائين ٿا ته جيڪي شاخن، واهن ۽ منڇر ڍنڍ کي ڪٽ ڏنا ويا آهن، اهي آبپاشي کاتي جي انجنيئرن جي چوڻ مطابق ڏنا ويا آهن. پر اهو ڪوڙ تڏهن ڦاٽي پيو، جڏهن وزيراعظم شهباز شريف ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو جي موجودگي ۾ نادر مگسي ۽ مراد علي شاهه ڪٽ ڏيڻ جي حوالي سان بحث ۾ پئجي ويا ۽ ايترو وقت ورتائون جو بلاول ڀٽي کي مداخلت ڪرڻي پئجي وئي. ڇا مراد علي شاهه ۽ نادر مگسي آبپاشي کاتي جا انجنيئر آهن؟ ڇا اهي پاڻي کي ڪٽ ڏئي نيڪال ڪرڻ جا ماهر آهن؟ ڇا اهي مذڪوره معاملي ۾ وڏي اٿارٽي رکن ٿا؟ هي ته ائين آهي جيئن ڪنهن شخص جي دل جو آپريشن ڪرڻو هجي ۽ اهو بيڊ تي پيو هجي، اتي هڪ واڍو، هڪ لوهار ۽ هڪ موچي پاڻ ۾ بحث ڪري رهيا هجن ته ڪٿان ڪٿان وڍ ڏئي دل جو آپريشن ڪيو وڃي؟ پر هتي ته لکين ماڻهن جي جان، مال ۽ گذر معاش جو مسئلو آهي ۽ ان سان گڏ پاڻي جي فطري گس جو پڻ معاملو آهي. جيڪڏهن اسان مان ڪو ان بحث واري ڪلپ جو ترجمو ڪري پاڻي جي نيڪال جي حوالي سان مشهور ۽ اٿارٽي رکندڙ ساک وارن عالمي ۽ ملڪي ماهرن ڏي موڪلي ته انهن کي جيڪا سزا ملندي ان کي انهن جا ايندڙ نسل به ياد ڪندا. پر هتي ته ڪاري وارا ڪک لڳا پيا آهن ۽ ڪير به پڇڻ وارو ناهي. ڪي اين شاهه شهر جهڙو آباد ۽ سهڻو شهر، جنهن جي آبادي هڪ لک کان به وڌيڪ آهي، ان شهر کي ڪهڙي طرح سمنڊ بڻايو ويو آهي؟ وارهه کي ڪهڙي طرح ٻوڙيو ويو؟ جوهي کي ڪهڙي طرح ٻوڙيو ويو؟ قبو سعيد کي ڪهڙي طرح ٻوڙيو ويو؟ قمبر شهداد ڪوٽ ضلعي کي ڪهڙي طرح ٻوڙيو ويو؟ جهڏي کي ڪهڙي طرح ٻوڙيو ويو؟ ايل بي او ڊي جي ذريعي ڪيئن شهر ٻوڙيا ويا؟ ڪو پڇاڻو آهي؟ ڪو فڪرمند نظر اچي پيو؟ ڪو ذميواري کڻڻ جي لاءِ تيار آهي؟ ڪنهن کي اهڙي تباهي جو احساس آهي؟

ڪورونا جي ڏينهن ۾ سال ڏيڍ اڳ جڏهن پاڪستان کي تقريبن چار ارب ڊالرن جي امداد ملي هئي، تنهن ۾ رڪارڊ ڪرپشن ٿي ۽ ايتري تائين جو سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس صاحب کي ان جو ازخود نوٽيس وٺڻو پيو ۽ ان ۾ ملوث سڀني ماڻهن کي ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو، جنهن ۾ اين ڊي ايم اي جا اعليٰ آفيسر به پيش پيا، پر ان جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل افضل صاحب استعيفيٰ ڏئي ڇڏي پر ڪورٽ ۾ پيش نه ٿيو. ڪورٽ سڳوري اربين کربين رپين جي ڪرپشن ۽ گهوٻين کي ظاهر ڪيو ۽ ڪورٽ جي اهڙي ڪارروائي دوران ان جا هڪڙا واضح اشارا ۽ ثبوت مليا، پر ٿوري وقت کانپوءِ اهو ڪيس به سرد خاني حوالي ٿي ويو. سچ ته اعليٰ عدالت جڏهن ان جو نوٽيس ورتو هو ته سڄي ملڪ جي عوام ۾ سرهائي محسوس ڪئي وئي ۽ چيف جسٽس صاحب جي اهڙي عمل جي تمام گهڻي ساراهه ڪئي وئي. پر گذريل ٽن مهينن کان وٺي سنڌ، بلوچستان، ڪي پي ڪي ۽ پنجاب جي ڪجهه علائقن ۾ رياستي ۽ حڪومتي اعليٰ اختيارن ۽ ادارن جي نااهلي ۽ ڪرپشن سبب جيڪا قيامت برپا آهي، جنهن ۾ هيستائين سرڪاري انگن اکرن مطابق 14 سئو ماڻهو مري ويا آهن، جنهن ۾ 500 معصوم ٻار به شامل آهن. تقريبن نو لک جانور مري ويا آهن، 20 لک ايڪڙن تي جيڪو شاندار فصل پوکيل هو، اهو مڪمل طور تي تباهه ٿي ويو، 10 لک گهر تباهه ٿي ويا، ساڍا ٽي ڪروڙ ماڻهو يعني 15 سيڪڙو آبادي مڪمل طور تي متاثر ٿي آهي. 40 کان 50 لک ماڻهو بيروزگار ٿي ويا آهن، هزارين ڪلوميٽر رستا مڪمل طور تي تباهه ٿي ويا آهن، سوين هزارين اسڪول ۽ اسپتالون مڪمل طور تي تباهه ٿي ويون آهن، 10 ارب ڊالرن کان به وڌيڪ جو نقصان ٿي چڪو آهي. ايڏي تاريخي تباهي ۽ ظلم تي ڪو ردعمل ڇو ناهي؟ حڪومتي انگ اکر پنهنجي جڳهه تي پر زميني حقيقتون ۽ متاثر ماڻهو جيڪي تباهي جا داستان ٻڌائي رهيا آهن، اهي حڪومتي انگ اکرن کان ٻيڻ ٽيڻ تي آهن. ماڻهن کي موت جي مُنهن ۾ موڪليندڙن کان ڪو پڇاڻو ڪندو؟ آبپاشي کاتي جا ڪيترا انجنيئر نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي بار بار ٻڌائي رهيا آهن ته سنڌ ۾ جيڪي ڪٽ ڏنا ويا آهن، اهي ڊي سيز صاحبان جي ذريعي سياسي بنيادن تي ڏنا ويا آهن، ڇا ڪا ڪورٽ سڳوري انهن آبپاشي کاتي جي انجنيئرن کي گهرائي، انهن کي پنهنجي نوڪري جي ضمانت ڏئي، انهن جا حقيقت معلوم ڪري ۽ ان حقيقت جي روشني ۾ جيڪي ڊي سيز ۽ ٻيا وزير ملوث نڪرن انهن کي ڪا مثالي سزا ملندي؟ ڪي پي ڪي ۾ دريا جي پيٽ ۾ وڏا ۽ شاندار هوٽل ٺاهڻ جي اجازت ڪهڙي قانون تحت ڏني وئي؟ انهن کي عبرت جو نشانو بڻايو ويندو؟ انهن کي هڪ اهڙو خوفناڪ مثال بڻايو وڃي جو ايندڙ ڏهاڪن تائين ڪوبه ماڻهو اهڙي عمل جو سوچي به نه سگهي؟ ڪورٽ سڳوري هن وقت ڀلي کڻي انهن سڀني ادارن، وزيرن ۽ ٻين رياستي ۽ حڪومتي عملدارن کي نه گهرائي، پر جڏهن حالتون نارمل ٿي وڃن، ٻن ٽن مهينن کانپوءِ اعليٰ عدالت هڪ پوري بينچ تشڪيل ڏئي گذريل 25 سالن کان جيڪي ماڻهو سيلاب ۽ ٻوڏ ۽ ٻين فطرتي آفتن جي حوالي سان ڪم ڪندڙ ادارن جا سربراهه رهي چڪا آهن ۽ ٻيا جيڪي هن وقت موجود آهن، اهي ۽ انهن سان گڏ لاڳاپيل کاتي جا وزير، صوبن جا وزيراعليٰ ۽ مختلف وقتن تي رهندڙ وزيراعظمن کي گهرائي، روز جي بنياد تي ڪيس هلائي، هڪ اهڙو تاريخي فيصلو ڏئي، جنهن وسيلي انهن کان ڪرپشن جا نه صرف اربين کربين رپيا واپس وٺي ٻوڏ ۽ سيلاب متاثرن کي ڏنا وڃن پر ان سان گڏ ان تباهي ۽ بربادي ۾ ملوث شخصن کي عبرتناڪ سزا ڏئي ٻين لاءِ مثال قائم ڪيو وڃي.

[email protected]