ممبئي(شوبز نيوز) ڀارتي گلوڪار ميڪا سنگهه انڪشاف ڪيو آهي ته بالي ووڊ بادشاهه شاهه رخ خان سندس قيمتي هيري واري مُنڊي واپس ڪري ڇڏي هئي. پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي ميڪا سنگهه شاهه رخ خان جي ساراهه ڪندي پاڻ کي اداڪار جو سڀ کان وڏو مداح قرار ڏنو. انٽرويو دوران هن پنهنجي هٿ ۾ پاتل مُنڊي ڏيکاريندي ٻڌايو ته اِها پنجاهه لک ڀارتي رپين جي آهي ۽ اِها سدائين کيس پاتل هوندي آهي. ميڪا چيو ته هو اڳ ۾ به اميتاڀ بچن ۽ گورداس مان کي مُنڊيون تحفي طور ڏئي چڪو آهي، پر شاهه رخ خان پهريون شخص هو جنهن اها مُنڊي واپس ڪئي. ميڪا سنگهه وڌيڪ ٻڌايو ته جڏهن هن شاهه رخ خان کي اها مُنڊي تحفي طور ڏني ته ٻئي ڏينهن ئي شاهه رخ کيس فون ڪري چيو ته اها مُنڊي واپس وٺان ڇو ته اها گهڻي مهانگي آهي. گلوڪار موجب، هن شاهه رخ کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته اها هڪ مداح جي طرفان محبت جو اظهار آهي، پر شاهه رخ خان منڊي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.