ڪراچي (رپورٽ: نظير ميمڻ) سنڌ ۾ ايڌي ۽ ڇيپا وٽ رکيل معصوم ٻار پرڏيهه اسمگل ڪرڻ جو انڪشاف، عدالت صوبائي حڪومت، چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي ۽ ٻين کان 12 ڊسمبر تي رپورٽ طلب ڪري ورتي
ڪالهه سنڌ هاءِ ڪورٽ سماجي اڳواڻ نتاشا لاکاڻي پاران چائلڊ پروٽيڪشن قانون لاڳو ڪرڻ ۽ معصوم ٻارڙن جي اسمگلنگ روڪڻ لاءِ داخل درخواست ۾ ايڌي، ڇيپا ۽ ٻين سماجي ادارن کي به ڌر بڻائڻ جي ھدايت ڪندي چيو ته ٻار اسان جي سماج جو حصو آهن، عدالت کي جيڪو ڪجهه ٻڌايو پيو وڃي. جيڪڏھن واقعي ئي ائين آھي ته پوءِ اها وڏي تباھي آهي، وقتي چيف جسٽس عقيل عباسي ريمارڪس ڏيندي چيو ته ٻارن کي قانوني ۽ اخلاقي تحفظ ڏيڻو پوندو، ٻارن جي تحفظ، ويلفيئر (ڀلائي)، مفت تعليم واري قانون تي عملدرآمد بابت درخواستن تي الڳ الڳ ٻڌڻي ڪئي ويندي، عدالت سرڪاري وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته اھو ڇا ٿي رھيو آھي؟
ان معاملي کي سنجيدگي سان ڏسڻو پوندو. درخواستگذار جي وڪيل علي لاکاڻي جو چوڻ ھو ته صوبائي حڪومت ٻارن جي تحفظ لاءِ قانون ٺاهيو آھي پر ان تي عمل نه ٿيڻ جي برابر آهي، آفيسون ٺهيل آهن، آفيسر به آهن، جيڪي پگھارون ۽ مراعتون وٺي رهيا آهن پر ڪم نه پيو ٿئي، جيستائين عدالت مداخلت نه ڪندي. صوبي ۾ ڪم نه ٿيندو
هن چيو ته ٻارن لاءِ ويلفيئر سينٽر ڪم نه پيو ڪري، ، رڳو عمارتون ٺهيل آهن. صوبي مان ٻارن کي پرڏيهه اسمگل ڪيو پيو وڃي، پرڏيهه مان ماڻهو ايندا آهن، اهي ايڌي، ڇيپا جهڙن ادارن کي پئسا ڏئي ٻار وٺي ويندا آهن