ايڊيليڊ (اسپورٽس نيوز) ايڊيليڊ ٽيسٽ ۾ 2 ڀيرا اسٽيڊيم جون بتيون بند ٿيڻ جو ذميوار آسٽريلوي اسپنر ناٿن ليون هو. ڊي اينڊ نائيٽ فارميٽ ۾ کيڏيل ٻئي ٽيسٽ جي شروعاتي ڏينهن تي ٽئين سيشن ۾ مختصر وقفي سان ٻه ڀيرا فلڊ لائيٽ هلي وئي، جنهن رانديگرن ۽ مداحن کي حيران ڪري ڇڏيو. چيو پئي ويو ته شايد بجلي بند ڪئي وئي آهي، ڪنهن مذاق ڪندي چيو ته شايد بجلي ڪٽجي وئي آهي، ڇاڪاڻ ته بل ادا نه ڪيو ويو آهي. چينل سيون سان ڳالهائيندي ميزبان اسپنر ناٿن ليون گابا ۾ برسات متاثر ٽئين ٽيسٽ دوران لائيٽ بند ڪرڻ جي ذميواري قبول ڪئي. هن چيو ته رات جي سيشن دوران نائب ڪوچ اينڊري بورووڪ ۽ مان اونداهيءَ ۾ ويٺا هئاسين، جڏهن هڪ گارڊ پڇيو ته اوهان اوندهه ۾ ڇو ويٺا آهيو، اسان چيو ته جيڪڏهن توهان پريڪٽس ايريا ۾ لائيٽون آن ڪندا ته ڪجهه بالنگ ڪنداسين. جنهن تي هن غلط بٽڻ دٻايو، جنهن سان پوري اسٽيڊيم جون لائيٽون بند ٿي ويون، ٻيهر سوئچ آن ڪرڻ بعد هن ٻيهر غلط بٽڻ دٻايو ۽ ٻيو ڀيرو وري فلڊ لائيٽ بند ٿي وئي، ان جو ذميوار مان آهيان.