ڪراچي: اليڪشن ڪميشن پاران بدلين ۽ مقررين تان پابندي ختم ڪرڻ کانپوءِ ايڊيشنل سيڪريٽرين، ڊپٽي سيڪريٽرين ۽ سيڪشن آفيسرن جون بدليون ۽ مقرريون ڪرڻ جون تياريون شروع ڪيون ويون آهن، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته تازو ڊپٽي ڪمشنرن جون مقرريون ٿيڻ کانپوءِ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ 19هين گريڊ جي ايڊيشنل سيڪريٽرين ۽ 18هين گريڊ جي ڊپٽي سيڪريٽرين جا ڪيترائي عهدا خالي ٿي ويا هئا، جن تي هاڻي مقرريون ڪيون وينديون.