ايڊز جي بيماري، احتياط ۽ حڪومتي ذميواريون

0
81
ايڊز جي بيماري، احتياط ۽ حڪومتي ذميواريون

 دنيا ۾ ڏھڪاءَ جي علامت بڻيل موتمار بيماري ايڊز جيتوڻيڪ قابل علاج بڻجي چڪي آھي پر سنڌ ۾ اڄ به لاعلمي ۽ سماجي بدناميءَ جي خوف جي ڪري تيزيءَ سان پکڙجڻ لڳي آھي ۽ علاج نه ڪرائڻ سبب موت سندن سرن مٿان لامارا ڏئي رھيو آھي.

                 ايڊز جو دنيا ۾ سڀ کان پھريون مريض ھڪ آمريڪي نوجوان رابرٽ ريفورڊ ھوم جيڪو 1969ع ۾ سورنھن ورھين جي ڄمار ۾ زندگيءَ جي جنگ ھارائي ويٺو. ان بيماري جي ايڊز جي نالي سان سڃاڻ 1980ع واري ڏھاڪي ۾ ٿي، جنھن ۾ قوت مدافعت جي گھٽجي وڃڻ جي ڪري ڪيترائي ماڻھو مري ويا. شروعاتي دور ۾ ان بيماري جا اھم ڪارڻ ھم جنس پرستي ۽ نشي آور انجيڪشن جو استعمال ٻڌايو ويو. ڪجھ ئي وقت ۾ ان بيماريءَ آمريڪا سميت آفريڪا ۾ به ھڪ خوف واري صورتحال پيدا ڪري ڇڏي ھئي. اڻڄاڻائي ۽ خوف جي ڪري ماڻھو ايترو ته ڊڄي ويا ھئا جو ايڊز جي مريض کي پري کان ڏسي رستو مٽي ويندا ھئا. ايسيتائين جو پيءُ ماءُ به اولاد کان پري رھڻ لڳا. اپريل 1987ع ۾ شھزادي ڊائنا کلي عام ايڊز جي مريضن سان ھٿ ملائي دنيا کي انتھائي طاقتور پيغام ڏنو ته ايڊز ھٿ ملائڻ، ڳالھائڻ يا مريضن سان گڏ ويھڻ سان نه وچڙندي آھي. ان عمل ايڊز جي مريضن کي سماجي تنھائيءَ کان بچائي ڇڏيو ھو. تحقيق کانپوءِ 1987ع ۾ ھن بيماريءَ جو علاج دريافت ڪيو ويو، جيڪو وڌيڪ تحقيق کانپوءِ اڄ جي دور ۾ ايترو ته موثر ٿي ويو آھي جو خوف جي علامت بڻيل بيماري ھڪ عام بيماريءَ جيان قابلِ علاج بڻجي وئي آھي. 1988ع کان عالمي ايڊز ڏھاڙي جي شروعات ٿي، جنھن جو مقصد ماڻھن کي شعور ڏيڻ سان گڏ سماج اندر ھن کي ڏنگيندڙ تنھائيءَ کان بچائڻ آھي.

دنيا ۾ ھن وقت لڳ ڀڳ چار ڪروڙ ايڊز جا مريض آھن. جن مان گھڻو تعداد آفريڪين جو آھي، جتي ھر 30 ماڻھن ۾ ھڪ ايڊز جو مريض آھي. دنيا ۾ تقريبن 66 سيڪڙو مريض رڳو آفريڪي آھن. ھي مرض ھاڻي پاڪستان ۾ به تيزيءَ سان وڌڻ لڳو ھو. ھن وقت لڳ ڀڳ ٽي لک پاڪستاني ايڊز جي مرض ۾ مبتلا آھن، جن مان تقرببن 43 سيڪڙو سنڌ سان تعلق رکن ٿا. سنڌ ۾ مريضن جي اڪثريت ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي ۾ رھي ٿي. سنڌ ۾ ان بيماريءَ جي ڦھلجڻ جو وڏو سبب عطائي ڊاڪٽرن طرفان ساڳي انجيڪشن جو بار بار استعمال آھي. ٻين سببن ۾ جسم فروشي، ھم جنس پرستي ۽ بغير چڪاسيل رت لڳرائڻ آھن. سنڌ حڪومت وٽ ايڊز جي علاج معالجي جو جوڳو بندوبست ٿيل آھي پر بدقسمتيءَ سان بدناميءَ جي داغ کان خوفزده مريض ايڊز سينٽرن ڏانھن لاڙو ئي نٿا ڪن. ان صورتحال ۾ اسان سڀني تي فرض ٿئي ٿو ته اسان پنھنجي روين ۾ تبديلي آڻي ھڪ پڪو پھ ڪريون ته اسان ايڊز کي شڪست ڏئي سنڌ ۽ پاڪستان کي ايڊز کان آزاد ڪنداسين. حڪومت اڪيلي سر ڪجھ به نٿي ڪري سگھي جيستائين اسان حڪومت سان سھڪار نه ڪنداسين. ھيٺيان اپاءَ وٺڻ سان ايڊز کي سولائيءَ سان ختم ڪري سگهجي ٿو.

سڀ کان پھريان اسان پنھنجي روين ۽ سوچ ۾ تبديلي آڻي، ايڊز جي مريضن کي گنھگار سمجھڻ بند ڪيون. ايڊز جو مريض اڳ ئي خوف ۾ گهيريل ۽ سماجي طور تي بدترين تنھائيءَ جو شڪار آھي، ان کي ھمدري ۽ حوصلي جي سخت ضرورت آھي. ھن کي عام مريضن وانگي سمجھڻ گهرجي ۽ انھن جي مدد ڪجي ته جيئن ھو پنھنجو مڪمل علاج ڪرائي ھن بيماريءَ کان ڇٽڪارو حاصل ڪن. انھيءَ ڪري ضروري آھي ته ماڻھن کي شعور ڏجي. ان مرض سان وابسطه غلط فھمين ۽ افواھن کي ختم ڪري سگھجي. سماجي تفريق ۽ بدناميءَ جي خوف کي ختم ڪجي. بدناميءَ جي ڊپ کان عام ماڻھو ايڊز جو ٽيسٽ به نه ڪرائيندا آھن. اسان کي گهرجي ته سال ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه دفعا ايڇ آءِ وي/ ايڊز جو مفت ٽيسٽ ڪرائجي ته جيئن مرض جي صورت ۾ ترت علاج شروع ڪرائي سگهجي. ان ئي سوچ پٽاندر ٿائلينڊ جھڙن ملڪن ايڊز کي قابو ۾ رکيو آھي.

ھيٺين اپائن سان سنڌ ۽ پاڪستان اندر ايڊز کي قابو ۾ آڻي سگهجي ٿو ۽ وڌيڪ ڦھلجڻ کان روڪي سگهجي ٿو.

اسان کي سڀ کان پھريان روين ۾ تبديلي آڻڻ کپي ته ايڊز ھڪ بيماري آھي ۽ ھن کي گناھ واري تھمت کان پري رکيو وڃي. عطائي ڊاڪٽرن جي انجيڪشن جي بار بار استعمال جي ڪري جيڪڏھن مرد کي ايڊز ٿي وڃي ته لازمن ان جي زال کي به جماع جي صورت ۾ ايڊز ٿي سگهي ٿو. بعد ۾ صرف زال ۾ رت چڪاسڻ کانپوءِ اگر ايڊز ظاھر ٿئي ته ڇا مڙس زال تي بغير الزام لڳائڻ جي قبول ڪندو. انھن روين کي بدلائڻ جي ضرورت آھي. ايڊز گھڻي ڀاڱي عطائي ڊاڪٽرن وٽان ڦهلجي ٿي يا سيلون تي حجم وٽان.

ماڻھن ۾ بيداري پيدا ڪجي ته ھو وقتن بوقتن پنھنجي رت جي چڪاس ڪرائيندا رھن ته جيئن ايڊز جو بروقت علاج شروع ڪري ان کي جلد شڪست ڏجي. ان ڏس ۾ لاڳاپيل کاتي کي گهرجي ته پنهنجي سينٽرن ۾ اضافو ڪري مرض جي تشخيص ڪري مريضن جي سڃاڻ کي پوشيده رکي، انھن جو ترت علاج شروع ڪرائجي.

سنڌ ھيلٿ ڪيئر ڪميشن عطائي ڊاڪٽرن جي ايڊز پکيڙيندڙ مرڪزن کي تالا لڳرائي. انجيڪشن جي غير ضروري استعمال کان پاسو ڪجي ۽ مجبوريءَ جي صورت ۾ ڪنھن نالي واري ڪمپنيءَ جو نئون انجيڪشن خريد ڪجي ۽ لڳرائڻ کانپوءِ ان کي ضايع ڪجي. ساڳيءَ طرح سان سيلون تي به احتياط ڪيو ته جيئن استعمال ٿيل قينچي، پترو يا پاڪي ٻيھر توھان جي مٿان استعمال نه ٿئي ۽ سيلون وارن کي پابند ڪجي ته استعمال ھيٺ ايندڙ اوزارن کي جراثيمن کان پاڪ ڪرڻ جو جوڳو بندوبست ڪن.

ھن وقت پاڪستان ۽ خاص طور تي سنڌ ۾ ھن بيماريءَ جي تيزيءَ سان ڦھلجڻ جو خطرو وڌيڪ آھي. صحت جي طرف بھتر رويا، سرڪار جي طرفان ماڻھن کي ھمٿائڻ ۽ سھولتون ڏيڻ ۽ خاص طور تي اسان کي ايڊز جي مريضن طرف روين ۾ تيزيءَ سان تبديلي آڻي انھن جو علاج ڪرائي ھن بيماريءَ جو خاتمو آڻي سگھجي ٿو. احتياط علاج کان بھتر آھي. اچو ته گڏجي ايڊز جو خاتمو ڪري ان کي تاريخ جي ورقن ۾ دفن ڪري ڇڏيون.