سنڌ ۾ ايڊز جي ڪيسن ۾ ڳڻتي جوڳي حد تائين واڌ ٿي رھي آهي. بيمارين کي روڪڻ جي حوالي سان حڪومتي ڪارڪردگي دعوائن ۽ اعلانن جي چانئٺ ٽپي نه سگهي آهي. خود سرڪاري رپورٽن مان به اھڙي نااھليءَ جو اعتراف ٿيندو رھي ٿو. اھڙي ئي ھڪ رپورٽ صحت کاتي طرفان پڻ جاري ٿي آهي، جنھن ۾ تصديق ڪئي وئي آهي ته، جنوري 2024ع کان آڪٽوبر تائين رڳو 10 مهينن ۾ سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ ايڇ آءِ وي/ايڊز جا مجموعي طور تي 2531 ڪيس ظاهر ٿيا آهن. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته، ايڊز متاثرن ۾ 1313 مرد، 615 عورتون ۽ 227 ٽرانسجينڊر شامل آهن. هلندڙ سال 220 ٻارڙا ۽ 156 ٻارڙيون به ايڊز جي خطرناڪ مرض ۾ مبتلا ٿيون آهن. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته، 10 مهينن دوران ايڇ آءِ وي/ايڊز سبب 135 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن. جن ۾ 78 مرد، 20 عورتون، 2 ٽرانسجينڊر، 11 ٻارڙا ۽ 24 ٻارڙيون شامل آهن. اھي ته اھڙا ڪيس آهن، جيڪي رپورٽ ٿيل ۽ تصديق ٿيل آهن، حقيقي تعداد ته ان کان نه گھڻو ھوندو.
سنڌ ۾ ايڊز جي مريضن جو تعداد ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي، جيڪو هڪ سنجيده مسئلو بڻجي چڪو آهي. ايڊز (HIV/AIDS) هڪ اهڙو موذي مرض آهي، جيڪو انساني مدافعتي نظام کي ڪمزور ڪري ٿو، جنهن ڪري مريض ٻين بيمارين جو به آساني سان شڪار ٿي وڃي ٿو. سنڌ ۾ ايڊز جي ڪيسن ۾ واڌ جا بنيادي سبب ڪيترائي آهن. غير محفوظ رت جي منتقلي به ايڊز ۾ واڌ جو اھم سبب آهي. ڪيتريون ئي ليبارٽريون غير معياري طريقي سان رت جي منتقلي ڪري رهيون آهن، جنهن سان HIV وائرس منتقل ٿئي ٿو. ان کانسواءِ نشو ڪندڙ ماڻهن ۾ هڪ ئي سرنج کي بار بار استعمال ڪرڻ جو رجحان وڏي حد تائين وائرس جي پکڙجڻ جو سبب بڻجي رهيو آهي. تعليم جي کوٽ ۽ شعور جي اڻاٺ جي ڪري ماڻهو غير محفوظ جنسي لاڳاپن ۾ مبتلا آهن، جيڪو وائرس جي منتقلي جو وڏو ذريعو آهي. ڪيترين ئي اسپتالن ۽ صحت جي مرڪزن ۾ صاف سٿرن اوزارن جي کوٽ ۽ غير معياري علاج جا طريقا ايڊز جي واڌ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. جنهن جو هڪ مثال ملتان جي نشتر اسپتال آهي، جتي نيفرالاجي وارڊ ۾ هڪ ايڊز جي مريض جو ڊائلاسز جنهن مشين تي ڪيو ويو هو، اُن ئي مشين تي ٻين مريضن جو پڻ ڊائلاسز ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 30 ڱان وڌيڪ مريض ايڇ آءِ وي ۾ مبتلا ٿي ويا ۽ جڏهن اهو معاملو ميڊيا تي رپورٽ ٿيو ته، پنجاب حڪومت طرفان ان جي جاچ ڪرائي وئي ۽ غفلت ڪندڙ ڇهن ملازمن کي معطل ڪيو ويو آهي، جن ۾ ايم ايس، نيفرالاجي وارڊ جو سربراهه ۽ ٻيا ملازم شامل آهن.
سنڌ ۾ ايڊز کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ حڪومت پاران مختلف پروگرام شروع ڪيا ويا آهن، پر انهن ۾ ڪيتريون ئي خاميون آهن. ايڊز ڪنٽرول پروگرام لاءِ ناڪافي فنڊز مختص ڪيا وڃن ٿا، جنهن ڪري انهن منصوبن کي موثر طريقي سان عمل ۾ نٿو آڻي سگهجي. ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ماڻهن کي ايڊز بابت شعور ڏيارڻ لاءِ ڪوبه موثر قدم نه کنيو ويو آهي. جديد طبي سهولتن جي کوٽ ۽ عملي جي نااهلي ايڊز ڪنٽرول پروگرام جي ڪارڪردگي تي منفي اثر وجهي ٿي. ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا جي ذريعي عوام کي ايڊز بابت معلومات ڏني وڃي ۽ غير محفوظ طريقيڪار کان بچڻ لاءِ آگاهه ڪيو وڃي. اسپتالن ۾ صاف اوزارن ۽ معيار تي ٻڌل طريقيڪار کي يقيني بڻايو وڃي. رت جي منتقلي کان اڳ ان جي مڪمل جاچ کي يقيني بڻايو وڃي. اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ايڊز بابت معلومات ڪورس ۾ شامل ڪئي وڃي ته جيئن نوجوان نسل ۾ شعور وڌي سگهي. نشو ڪندڙ ماڻهن لاءِ خاص مرڪز قائم ڪيا وڃن ته جيئن اهي پنھنجي عادت ڇڏڻ ۾ مدد وٺي سگهن. ايڊز جهڙي موذي مرض کي روڪڻ لاءِ اسان کي انفرادي ۽ اجتماعي طور تي قدم کڻڻا پوندا. حڪومت کي ايڊز ڪنٽرول پروگرام کي وڌيڪ موثر بڻائڻ لاءِ وسيلا ۽ جديد حڪمت عمليون لاڳو ڪرڻيون پونديون. جيڪڏهن هر ماڻهو پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪري ته اسان سنڌ کي ايڊز کان پاڪ ڪري سگهون ٿا.