حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ڊائريڪٽر جنرل ايڇ ڊي اي زاهد حسين شر چيو آهي ته ايڇ ڊي اي هن وقت بدترين مالي بحران جو شڪار آهي. پگهارون، پينشن ۽ ٻيون ادائيگيون ادا ڪرڻ لاءِ به مالي وسيلن جي کوٽ آهي. ايڇ ڊي اي کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ غير ضروري خرچن تي ضابطو آڻڻو پوندو ۽ آمدني جا ذريعا پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. ايڇ ڊي اي جي ميڊيا سيل پاران جاري ڪيل بيان موجب ڊي جي ايڇ ڊي اي اهڙو اظهار ٿيل اجلاس ۾ ڪيو جنهن ۾ چيف فنانس آفيسر سيد محسن نظر جعفري، ڊائريڪٽر پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ ظفر جتوئي، سيڪريٽري نديم خان ۽ ٻيا آفيسر موجود هئا. ڊي جي ايڇ ڊي اي چيو ته شهرين کي سهولتون فراهم ڪرڻ ايڇ ڊي اي جي ذميواري آهي ڇاڪاڻ ته ايڇ ڊي اي جي ڪارڪردگي حيدرآباد جي لکين شهرين سان لاڳاپيل آهي. هن چيو ته هڪ طرف اداري جي حاضر سروس ملازمن کي ڪيترن ئي مهينن کان پگهارون نٿيون ملن ته ٻئي طرف وري رٽائرڊ ملازم پينشن ۽ ٻين رهتن کان محروم آهن.