راولپنڊي(م ڊ) ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته اپيڪس ڪاميٽي ۾ هڪ نالو عزم پاڪستان آيو جڏهن ته ان سان گڏ آپريشن جو ذڪر نه هو، ڪاميٽي ۾ هڪ پاليسي ٻڌائي وئي ته دهشتگردي جو خاتمو ٿيڻ گهرجي آئون عسڪري قيادت سان ملڻ ۽ آپريشن بابت ڳالهائڻ چاهيان ٿو، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته منهنجي آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِٰ ايس آءِ سان ڪا به ملاقات ناهي ٿي، منهنجي ادارن ۽ وفاقي ادارن سان باضابطه ڪا به ڳالهه ناهي ٿي، باجوه جو نواز يا آمريڪا سان پلان هو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت ڪيرائڻي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پهريون سوال اهو آهي ته آپريشن ٿيڻو آهي؟ آپريشن ڪٿي ٿيڻو آهي؟ ڪيئن ٿيڻو آهي؟ اسان جي پاليسي واضح آهي ته پهرين عوام کي اعتماد ۾ ورتو وڃي. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته جنرل باجوه چوندو هو جنرل فيض بهترين آرمي چيف ٿيندو.