تهران (م ڊ) ايراني پارليامينٽ جي نائب اسپيڪر حامد رضا حاجي بابائي جو چوڻ آهي ته ايران عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي جي سربراهه رافيل گروسي تي ايراني  ايٽمي ٺڪاڻن جو دورو ڪرڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. نائب اسپيڪر حامد رضا حاجي بابائي جو چوڻ آهي ته اهو قدم انهي لاءِ کنيو ويو آهي ڇو ته ايراني ايٽمي ٺڪاڻن بابت ڄاڻ اسرائيلي حڪومت کان حاصل ڪيل دستاويزن ۾ ملي آهي. حامد رضا حاجي بابائي وڌيڪ چيو ته آءِ اي اي اي کي هاڻ اهڙن ٺڪاڻن جي نگراني لاءِ ڪيمرا لڳائڻ جي به اجازت نه ڏني ويندي. انهي کان علاوه ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي جو چوڻ آهي ته گروسي جو دورو بي معنيٰ هوندو، ممڪن آهي ته اهو دورو بدنيتي تي ٻڌل هجي. عراقچي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس کي خط لکي ايران تي حملو ڪندڙن کي جوابده بڻايو وڃي. اسرائيل کي جنگ جو ذميوار قرار ڏنو وڃي ۽ ان کان خرچ ڀرايو وڃي اسرائيل ڄاڻي واڻي رهائشي علائقن ۽ اسپتالن تي حملاڪيا جيڪو عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي.