اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ايون فيلڊ ۽ العزيزيه ريفرنسز ۾ نواز شريف جون اپيلون ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪيون ويون آهن، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 21 نومبر تي نواز شريف جون اپيلون ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيون آهن، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نواز شريف جي پرڏيهه مان واپسي تي اپيلون بحال ڪيون هيون، نيب اپيلن جي بحالي تي اعتراض نه ڪيو هو.