حيدرآباد(بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ ٻن ڏينهن وارو ڏهون ادبي ميلو شروع ٿي ويو. حيدرآباد ادبي ميلي جو افتتاح نامياري شاعر آڪاش انصاري، نور احمد جنجهي، ليکڪا فاطمه حسن ۽ ٻين ڪيو. ادبي ميلي جي شروعات لطيف جي وائي سان ڪئي وئي. شاگردن ۽ شاگردياڻين آجياڻي وارو ٽيبلو به پيش ڪيو. ڪونيا ۾ ڪيف وارو جي موضوع تي نينگري افشين ميمڻ رقص ڪيو. نامياري پختون آرٽسٽ لداغ جي وادين کان سنڌوءَ جي سفر ۽ مارو اڪيلڙا جي قومي گيت تي رقص ڪيو. ادبي ميلي جي پهرين ڏينهن تي مختلف ادبي ويهڪون به ٿيون ۽ مختلف ڪتابن جي مهورت پڻ ٿي. ادبي ميلي ۾45  ويهڪون ٿي رهيون آهن جن لاء 200 مقرر مدعو ٿيل آهن. ادبي ميلي جو ٿيم درياءَ اسان جي زندگي رکيو ويو آهي. ان موقعي تي نامياري شاعر آڪاش انصاري افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياءَ اسان کان کسيو پيو وڃي. درياءَ اسان جو جياپو آهي، سنڌو درياءَ سان سنڌ جو وجود جڙيل آهي. هن چيو ته هاڻ سنڌو درياءَ جو موت پيو ٿئي، ڪجهه سالن کانپوءِ سنڌو درياءَ جو پاڻي مڪمل بند ٿي ويندو. هن چيو ته ڪنهن جي ٻڪري به چوري ٿيندي آهي ته هو وڏيون دانهون ڪندو آهي پر هي حڪمران اسان جو سڄو سارو درياءَ چوري ڪري رهيا آهن. ايوب خان پاڪستان جا 3 درياءَ وڪرو ڪري ڇڏيا، هاڻ هو سنڌو درياءَ جو رخ موڙي سنڌ کي تباهه ڪرڻ چاهين ٿا. هن چيو ته اسان جو سماج انتشار جو شڪار آهي، اهڙي صورتحال ۾ اسان کي سماجي تبديلي جي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته هي آرٽيفشل انٽيليجنس جو دور آهي، هي دنيا خيالن جي دنيا بڻجي وئي آهي، جديد ٽيڪنالوجي خبر ناهي اسان کي ڪيڏانهن پئي وٺي وڃي. ادبي ميلي جي منتظم اظهار سومري چيو ته ايڇ ايل ايف ڏهن سالن جو سفر مڪمل ڪيو آهي. هي ميلو نوجوانن لاء آهي جنهن لاء مزاج کان هٽي پنڻو به پيو آهي. هن چيو ته ميلي لاء ثقافت کاتي کانسواء ٻين ادارن به تعاون ڪيو آهي. ميلي ۾ موسيقي جي محفل به ٿي جنهن ۾ مختلف راڳين سر وکيريا.