اسلام آباد (م ڊ) جي يو آءِ جي ترجمان اسلم غوري چيو آهي ته ايوان صدر مدارس ايڪٽ عالمي دٻاءَ جو شڪار آهي، آصف زرداري جا اعتراض حيران ڪندڙ ۽ قانون جي موجب ناهن، خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن ردعمل ڏيندي چيو ته صدر زرداري جا اعتراض آئين ۾ ڏنل مدي اندر ڇو نه اٿاريا ويا؟ جيڪي به اعتراض هئا انهن کي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ڏانهن موڪلڻ گهرجن ها.