اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ايوان صدر  جيپرسنل ۽ پبلڪ ونگ جي خرچن بابت پنجن سالن جا  تفصيل سينيٽ ۾  پيش ڪيا ويا . ايوان صدر سيڪريٽريٽ لکت ۾ جواب پيش  ڪندي ڄاڻايو آهي ته مالي سال 2018/19 ۾ ايوان صدر جا عوامي خرچ 36 ڪروڙ رپيا هئا، مال سال 2019/20 ۾ ايوان صدر جو عوامي خرچ 31 لک 36 لک رپيا رهيو، مالي سال 2020/21 ۾ ايوان صدر جو عوامي 33 ڪروڙ 28 لک هيو. سال 2021/22 ۾  37 ڪروڙ، 2022/23 ۾ 43 ڪروڙ 37 لک رپيا ايوان صدر جو عوامي خرچ رهيو. جڏهن ته سينيٽ ۾ گذريل پنجن سالن ۾ صدر سيڪريٽريٽ جو پرسنل بجيٽ ۾ خرچ جا تفصيل به پيش ڪيا ويا. مالي سال 2018/19 ۾ ايوان صدر پرسنل جو مختص ڪيل بجيٽ 59 ڪروڙ 70 لک رپيا هيو. جن مان 55 ڪروڙ 63 لک خرچ ٿيا. مالي سال 2019/20 ۾ مختص ڪيل 59 ڪروڙ 70 لک مان 55 ڪروڙ 43 لک خرچ ڪيا ويا. ساڳي ريت مالي سال 21-2020ع مختص ڪيل 61 ڪروڙ 50 لک رپين مان61 ڪروڙ رپيا خرچ ٿيا. اهڙي طرح مالي سال 23-2022ع ۾ ايوان صدر پرسنل جي مختص ڪيل بجيٽ 70 لک 50 ڪروڙ هئي. جنهن مان 69 ڪروڙ 98 لک رپيا خرچ ڄاڻايا ويا آهن.