حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ايوان زراعت سنڌ روهڙي ڪئنال جي ڪپرن مان خيرپور جي حدن ۾ مٽي پٽي ڪپرن کي ڪمزور ڪرڻ واري عمل تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪئنالن جي ڪپرن تان مٽي کڻڻ جي ڪري انهن ۾ پاڻي جي کڻت جي صلاحيت متاثر ٿيندي ان ڪري اهڙي عمل جو سنڌ جي آبپاشي کاتي جي وزير ۽ سيڪريٽري آبپاشي کي نوٽيس وٺي روهڙي ڪئنال سرڪل جي سپرنٽنڊنگ انجنيئر کان پڇاڻو ڪرڻ گهرجي. ايوان زراعت سنڌ جي مرڪزي صدر سيد ميران محمد شاهه ۽ جنرل سيڪريٽري زاهد ڀرڳڙي هڪ گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته روهڙي ڪئنال پرڳڻي جو بهترين ڪئنال آهي جنهن جي پکيڙ 200 ميلن تائين آهي. اهو ڪئنال زرعي معيشت ۾ ڪرنگهي جي حيثيت رکي ٿو پر افسوس جو سکر بئراج جي سالياني وارابندي دوران خيرپور واري علائقي مان روهڙي ڪئنال جي ڪپرن مان مٽي روڙي ان کي ڪمزور ڪيو پيو وڃي. روهڙي ڪئنال 18 هزار ڪيوسڪ پاڻي کڻڻ جي گنجائش رکي ٿو. مٽي کڻندڙ مافيا پاران ڪئنال جا ڪپر ڪمزور ٿي ويندا جنهن جي ڪري ان ۾ گهارا پوڻ جو خدشو پيدا ٿي پيو آهي. ان صورتحال سبب روهڙي ڪئنال مان نڪرندڙ نصير ڪئنال سودو ٻين ڪئنالن کي پاڻي جي فراهمي متاثر ٿي سگهي ٿي. هنن چيو ته سالياني بندي دوران ڪئنالن جي بهتري ۽ مرمت جو ڪم ٿيندو آهي پر هتي ان جي ابتڙ ڪپرن جي مٽي ڪڍي انهن کي ڪمزور ڪيو پيو وڃي. روهڙي ڪئنال جي خيرپور واري حصي مان ڪپرن تان مٽي کڻڻ واري عمل جو نوٽيس وٺي ڪئنال جي ڪپرن کي ڪمزور ڪندڙ مافيا خلاف قدم کنيو وڃي.