ممبئي (شوبز نيوز) ڪاجول جو چوڻ آهي ته مون ڪڏهن به ايوارڊن کي اهميت نه ڏني، اهو ئي سبب آهي جو مون کي ايترا ايوارڊ نه مليا. مشهور بالي ووڊ اداڪارا ڪاجول جو چوڻ آهي ته هن ڪڏهن به ايوارڊن کي اهميت نه ڏني آهي، شايد اهو ئي سبب آهي جو هن کي ايترا ايوارڊ نه مليا آهن. هن وڌيڪ چيو ته ايوارڊن ذريعي پنهنجي ڪارڪردگي جي تصديق ڳولڻ بدران، ماڻهن کي فنڪار جي حيثيت سان پاڻ کي مطمئن ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي ۽ ٻين جي مرضي تي منحصر نه هجڻ گهرجي. هڪ هندستاني ميڊيا سان تازي انٽرويو دوران، هن چيو ته هوءَ مڃي ٿي ته ايوارڊ عارضي ۽ مختصر مدت جا هوندا آهن. سندس مطابق، اهي مختصر سڃاڻپ پيش ڪري سگهن ٿا ڇاڪاڻ ته اهي هڪ سال کان پوءِ تبديل ٿيندا آهن ۽ نون ماڻهن کي انعام ڏنو ويندو آهي. انهيءَ ڪري مان چوان ٿو ته اهي عارضي آهن.