مورو(ن پ ا) اين پي پي مرتضيٰ جتوئي ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي وڪيل برادري جي اعلانيل ڌرڻي ۾ شرڪت واري دعوت قبول ڪري ورتي، اين پي پي چيئرمين پارٽي اڳواڻن، ڪارڪنن کي قافلي جي صورت ۾ شرڪت ڪرڻ جي ھدايت ڪري ڇڏي آھي، مرتضيٰ جتوئي چيو ته سنڌو درياءَ تي ڪئنال اڏڻ سنڌ جي زندگي ۽ موت جو سوال آھي، سنڌ بنجر ٿي ويندي ۽ ڪروڙين عوام بک بدحالي جو شڪار ٿي ويندو، اسان سنڌ ۽ سنڌوءَ لاءِ آواز بلند ڪندڙ ھر پارٽي سان گڏ آھيون ۽ اھي ڪئنال ھرگز ٺاھڻ نه ڏينداسين، وڪيل برادري جي جدوجھد ۽ جذبي کي سلام پيش ڪريون ٿا.