اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاور ڊويزن پاران اين ٽي ڊي سي کي ٻيهر فعال ڪرڻ جو فيصلو، نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپنيءَ پروجيڪٽس ۾ غير ضروري دير، لاڳت ۾ حد کان وڌيڪ اضافي، ڪرپشن ۽ پنهنجا نوازي تحت مسئلن جو شڪار هجڻ جو اعتراف ڪيو ويو آهي تفصيل موجب پاور ڊويزن پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپني (اين ٽي ڊي سي) واحد ادارو آهي جيڪو پاڪستان ۾ بجلي جي ترسيل جو ذميوار آهي، پر موجوده نظام منصوبن ۾ غير ضروري دير، لاڳت ۾ واڌ، ڪرپشن، رشوت، اقربا پروري ۽ غير شفافيت جهڙن مسئلن جو شڪار آهي. انهن سمورن مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ اين ٽي ڊي سي کي نئين سر فعال بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جيڪو پاڪستان جي توانائي جي شعبي ۾ هڪ نئين دور جو آغاز ڪندو. پڌرائي مطابق پاور وزارت جي بحالي واري اسٽريٽڪجنگ منصوبي تحت اين ٽي ڊي سي کي ٽن ادارن ۾ ورهايو پيو وڃي. هڪ نيشنل گرڊ ڪمپني آف پاڪستان (اين جي سي پي) پاڪستان ۾ بجلي جي ٽرانسميشن سروسز کي موثر ۽ قابل اعتماد بڻائيندي. ٻيو انرجي انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ اينڊ مئنيجمينٽ ڪمپني (اي آءِ ڊي ايم سي) ترقياتي سرگرمين ۽ پروجيڪٽ مئنيجمينٽ کي سنڀاليندي، ان سان پاڪستان ۾ نجي سيڙپڪاري کي هٿي ملندي. ٽيون آزاد نظام ۽ مارڪيٽ آپريٽر (آءِ ايس ايم او) پاڪستاني صارفين لاءِ هڪ موثر، جامع ۽ شفاف مقابلي واري بجلي واري مارڪيٽ ٺاهڻ جو ذميوار هوندو. اهو پاڪستاني صارفين کي تقسيم ڪندڙ ڪمپنين کان سواءِ سپلائرز کان بجلي خريد ڪرڻ جي اجازت ڏيندو، وڌيڪ خريد ڪندڙن کي مارڪيٽ ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڏيندو. گورننس جي لحاظ کان اين جي سي پي، اي آءِ ڊي ايم سي ۽ آءِ ايس ايم او پنهنجي الڳ الڳ بورڊ آف ڊائريڪٽرن تحت ڪم ڪندا. بورڊ آف ڊائريڪٽرز ادارن جي ڪارڪردگي ۽ احتساب کي يقيني بڻائيندو. پاڪستان حڪومت پرعزم آهي ته انهن قدمن سان بجلي جي ٽرانسميشن سسٽم جي ڪارڪردگي بهتر ٿيندي ۽ بجلي جي قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي ٿيندي. ان کان علاوه ڊگهي مدي واريون پاليسيون پاڪستان ۾ پاليسي استحڪام آڻينديون، جنهن سان سيڙپڪارن جو اعتماد وڌندو. وفاقي وزير اويس لغاري چيو ته اين ٽي ڊي سي جي اها بحالي سان پاڪستان جي توانائي شعبي کي مضبوط، ڪارائتو ۽ صارف دوست بڻايو وڃي. ان کان علاوه اين ٽي ڊي سي شفافيت کي فروغ ڏيڻ لاءِ هر مهيني پنهنجي ويب سائيٽ تي ڊسپيچ ميرٽ آرڊر رپورٽ اپ لوڊ ڪندو. توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس لغاري چيو ته اين ٽي ڊي سي کي ٽن مختلف ڪمپنين ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، هڪ ڪمپني بجلي خريد ۽ وڪرو ڪندي، هڪ ڪمپني اهي منصوبا مڪمل ڪندي، جيڪي منصوبا 2018ع ۾ مڪمل ٿيڻا هئا اهي 2026 ۾ ختم ٿيندا، هن چيو ته عوام سان ڪيل واعدا پورا ڪري رهيا آهيون، عوام کي بجلي جي اگهن ۾ رليف ڏنو پيو وڃي، صنعتي ۽ گهريلو صارفين لاءِ بجلي سستي ڪئي وئي آهي. پيڪيج 3 مهينن لاءِ ڪاميابي ملي ته واڌ ڪنداسين، هر سال 6 مهينن لاءِ اهڙو پيڪيج آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، اسان وٽ اضافي بجلي موجود آهي، اسان چاهيون ٿا ته ماڻهو مهانگي گئس بدران سستي بجلي استعمال ڪن.