ميھڙ(ن پ ا) اين سي ايچ ڊي ۽ بيڪس جي استادن جي تنظيم فيڊر ٽيچرز ايسوسيئيشن سنڌ جي اڳواڻن جو اجلاس مرڪزي صدر خان محمد ملاح جي اڳواڻي ۾ ٿي گذريو، استاد اڳواڻن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ اڄ اربع جي ڏينھن ڪراچي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻي ھڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي، استاد اڳواڻن خان محمد ملاح، حافظ خدا بخش انڍڙ، شاھد راھمون، گوڌو گبول، برڪت لاشاري، عبدالرافع ڪيريو، عبدالغفار ڏيٿو، واحد بخش ڏاھري، محمد دائود رودناڻي، حافظ عبدالقيوم سومرو ۽ ٻين چيو ته اسان استادن کي گذريل ڪيترن ئي سالن کان پڪو نه ٿو ڪيو وڃي، اسان کي ٻين سرڪاري ملازمن جيئان سرڪاري مراعتن سميت بنيادي حق نه ٿا ڏنا وڃن، ھنن چيو ته اسين پنھنجي جائز مطالبن لاء فيڊر ٽيچرس ايسوسيئيشن سنڌ جي مرڪزي صدر خان محمد ملاح جي اڳواڻيءَ ۾ اڄ پريس ڪلب ڪراچيءَ اڳڀان ڌرڻو ھنيو ويندو. استاد اڳواڻن وڌيڪ ٻڌايو ته اسان اين سي ايڇ ڊي ۽ بيڪس جي استادن کي 20 سال سروس جي تجربي جي آڌار تي سروس بڪ ڏئي پڪو ڪيو وڃي، استادن کي ھر مھيني پرسنل آءِ ڊي تحت پگھارون ڏنيون وڃن، استادن جي رٽائرمينٽ جي عمر جي حد 55 سال مان وڌائي سروس رول مطابق 60 سال ڪئي وڃي، اسان استادن کي سنڌ ڪابينا مان منظور ٿيل 37,000 پگھار  ڏني وڃي ۽ فيصلي مطابق سموري ٽائم پيرڊ جي بقاياجات جا فنڊز جلد کان جلد جاري ڪيا وڃن ھنن چيو ته سال 26-2025ع جي سالياني بجيٽ ۾ استادن جي پگهارن ۾ %100 واڌ ڪئي  وڃي ۽ ٺٽو ۽ سجاول ضلعن جي استادن جون رهيل پگهارون جلد کان جلد جاري ڪيون وڃن ھنن چيو ته اسين وزير اعليٰ سنڌ، وزير تعليم، سيڪريٽري تعليم، وزير خزانه سيڪريٽري خزانه کان مطالبو ڪيون ٿا ته اسان اين سي ايچ ڊي ۽ بيڪس جي استادن کي پڪو ڪري جائز مطالبا تسليم ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ جيستائين اسان جا مطالبا تسليم نه ٿيندا اسان جو ڪراچي ۾ ڌرڻو جاري رھندو، جڏھن ته استادن جي اھڙي اعلان کان پوءِ سنڌ جي مختلف شھرن مان اين سي ايڇ ڊي ۽ بيڪس جا استاد ڪراچي ڌرڻي ۾ پھچڻ شروع ٿي ويا آھن.