ڪراچي: حيدرآباد جون 10 اين جي اوز مبينا طور تي غيرقانوني سرگرمين ۾ ملوث هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي
سوشل ويلفيئر کاتي جي اختيارين پاران غير قانوني سرگرمين ۾ ملوث اين جي اوز خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو آهي
سوشل ويلفيئر کاتي پاران حيدرآباد جي 10 اين جي اوز جي خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪئي وئي آهي
سوشل ويلفيئر کاتي جي اختيارين حيدرآباد جي ڊي سي، ايس ايس پي ۽ ايڊيشنل ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر کي خط لکي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي
حيدرآباد سماجي اتحاد، هيومن رائيٽس حيدرآباد سميت 10 اين جي اوز جي خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪئي وئي آهي
غيرقانوني سرگرمين ۾ ملوث اين جي اوز جون سرگرميون روڪرائڻ جي پڻ هدايت ڪئي وئي آهي
خط جي متن ۾ چيو ويو آهي ته ڄاڻايل اين جي اوز رجسٽرڊ نه آهن، فراڊ وارين سرگرمين ۾ ملوث آهن، انهن خلاف ڪارروائي ڪري رپورٽ ڏني وڃي