عمرڪوٽ(رپورٽر) اليڪشن ڪميشن عمرڪوٽ جي تڪ اين اي 213 تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ لاءِ حتمي 18 اميدوارن جي نالن جي لسٽ پڌري ڪري کين چونڊ نشان به الاٽ ڪيا ويا آھن، جن ۾ پ پ جي صبا ٽالپر کي تير، درياءَ بچايو ڪميٽي جي گڏيل اميدوار لال مالھي کي مور، تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي عمر جان سرھندي کي ڪرين جو نشان الاٽ ڪيو ويو آھي، ٻين اميدوارن ۾ برھان ڪنڀر، حاجي بقا پلي، دليپ ڪمار، علي نواز، شڪيل احمد، ڪمار ٽلواڻي، لالچند، قطب الدين، غلام نبي مڱريو، چيتن ڪمار، پير فضل شاھه جيلاني، انور شاھه بخاري، مير غضنفر ٽالپر، مھرالنساءَ بلوچ ۽ ليکراج مالھي جا نالا شامل آھن، جيڪي حتمي لسٽ ۾ اميدوار طور شامل آھن.