اين اي 213 تي ننڍي چونڊ، ڊاڪٽر شاهنواز ڪيس ۾ نامزد پير سرهندي سميت 21 اميدوارن جا فارم جمع

0
21
اين اي 213 تي ننڍي چونڊ، ڊاڪٽر شاهنواز ڪيس ۾ نامزد پير سرهندي سميت 21 اميدوارن جا فارم جمع
اين اي 213 تي ننڍي چونڊ، ڊاڪٽر شاهنواز ڪيس ۾ نامزد پير سرهندي سميت 21 اميدوارن جا فارم جمع

عمرڪوٽ(رپورٽر) پ پ جي سينئر اڳواڻ نواب محمد يوسف ٽالپر جي لاڏاڻي سبب خالي ٿيل قومي اسيمبلي جي سيٽ اين اي 213 تي اليڪشن ڪميشن پاران 17 اپريل تي ننڍي چونڊ ڪرائي پئي وڃي جنھن لاءِ فارم جمع ڪرائڻ جو مرحلو مڪمل ٿيڻ تائين ڪل 21 اميدوارن فارم جمع ڪرايا آھن، جن ۾ پي ٽي آئي اڳواڻ،  اڳوڻي ايم اين لال مالهي تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي اڳواڻ پير عمر جان سرھندي نواز ليگ اڳواڻ غضنفر ٽالپر، پي ٽي آءِ جي ليکراج مالھي ۽ جي ڊي اي جي فقير غلام نبي منگريو جا فارم جمع ڪرايا ويا آھن،  مرحوم نواب يوسف ٽالپر جي گھر واري صبا ٽالپر پ پ جي نواب يونس ٽالپر نواب تيمور ٽالپر ۽ سندس گھرواري ثناءَ ٽالپر جا فارم  به جمع ڪرايا ويا آھن اھڙي ريت پي ٽي آء جي ڊاڪٽر علي نواز شاھاڻي ۽ پي ٽي آءِ عورت اڳواڻ مھرالنساءُ بلوچ جا فارم به جمع ٿي ويا آھن جي ڊي اي جي عارف مھر حسن مھر به فارم جمع ڪرايا ويا، اھڙي ريت ڊاڪٽر چيتن مالھي لالا ڀيل سميت ڪل 21 اميدوارن جا فارم جمع ٿيا آھن، سياسي ڌرين پاران حتمي اميدوارن لاءِ صلاح مشورا جاري آھن فارمن جي بحال ٿيڻ بعد پارٽين پاران حتمي اميدوارن جي لسٽ پڌري ڪئي ويندي

ٽڪيٽ لاءِ درخواست ڏني آھي، باقي جيڪو فيصلو پارٽي ڪندي: يونس ٽالپر

عمرڪوٽ: نواب يوسف جي وڏي پٽ نواب يونس ٽالپر طرفان پ پ  ٽڪيٽ لاء پارٽي کي درخواست ڏني وئي آھي، آر او آفيس ٻاھران صحافين سان ڳالھائيندي نواب يونس ٽالپر جو چوڻ هو ته آئون نواب يوسف ٽالپر جو وڏو پٽ آھيان بابا سڄي ڄمار پ  پ ۾ رهيو آئون به سڄي ڄمار پ پ ۾ رهيو آھيان، مون ٽڪيٽ لاءِ درخواست ڏني آھي پارٽي جيڪو فيصلو ڪندي مون کي قبول هوندو