عمرڪوٽ(رپورٽر) ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر ۽ ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت ھيٺ ڊپٽي ڪمشنر آفيس عمرڪوٽ ۾ قومي اسيمبليءَ جي سيٽ اين اي 213 تي عمرڪوٽ تي ٿيندڙ ضمني چونڊ جي سلسلي ۾ ٽرانسپورٽيشن پلان جي حوالي سان اجلاس منعقد ڪيو ويو، ان موقعي تي گڏجاڻي کي خطاب ڪندي ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر نويد الرحمان لاڙڪ چيو ته عمرڪوٽ ضلعي ۾ ٿيندڙ ضمني چونڊن ۾ 497 پولنگ اسٽيشنن تي اليڪشن جو سامان ۽ عملو پھچائڻ جي لاءِ عمرڪوٽ ضلعي جا سمورا ٽرانسپورٽ مالڪان پنھنجون پنھنجون گاڏيون ڏئي قومي فرض پورو ڪن، ھن چيو ته ضمني چونڊ جي سلسلي ۾ ترتيب ڏنل ٽرانسپورٽ پلان ۾ شامل گاڏيون ۽ انھن جا تفصيل ٻن ڏينهنِ جي اندر سيڪريٽري آر ٽي اي وٽ جمع ڪرايا وڃن جنهن ۾ گاڏي جو نمبر ۽ ڊرائيور جو نالو ۽ نمبر شامل ھجي، ان موقعي تي ھن سيڪريٽري آر ٽي اي سيد شيراز علي شاھ کي ھدايت ڪندي چيو ته ٽرانسپورٽ پلان جو روٽ ميپ جوڙين ته جيئن آساني ٿئي اجلاس کي ٻڌايو ويو ته گذريل اليڪشن ۾ 183 گاڏيون ٽرانسپورٽ پلان ۾ شامل ڪيون ويون ھيون جنھن ۾ بسون ڪوچون وينون ۽ لانگ چيچز گاڏيون شامل آھن ان موقعي تي اجلاس ۾ ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر عمرڪوٽ سيد طيب انور شاھه بخاري رٽرننگ آفيسر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.