عمرڪوٽ(رپورٽ: الياس ٿري) اين اي 213 عمرڪوٽ تي ننڍي چونڊ 17 اپريل 2025 تي ٿيندي ان حوالي سان سرڪاري سطح تي انتظام آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويا آھن صوبائي اليڪشن ڪمشنر سنڌ اعجاز انور چوھاڻ پنھنجي ٽيم سميت عمرڪوٽ پھچي ڊي آر او عمرڪوٽ ۽ ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪميشن جي عملدارن سان اھم گڏجاڻي ڪري واپس ڪراچي روانو ٿي ويو، ضلعي انتظاميا پاران جاري ڪيل انگن اکرن ۽ مليل رپورٽن موجب اين اي 213 تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ دوران تڪ ۾ رجسٽرڊ ووٽرن جو انگ 6 لک 8 هزار 957 آهي رجسٽرڊ ووٽرن ۾ 2 لک 87 هزار 311 عورتون ۽ 3 لک 21 هزار 686 مرد شامل آھن اليڪشن لاءِ 498 پولنگ اسٽيشنز قائم ڪيون ويون آهن پولنگ اسٽيشنن ۾ 98 عورت، 98 مرد ۽ 302 گڏيل پولنگ اسٽيشنون شامل آھن صوبائي اليڪشن ڪمشنر سنڌ ڊي آر او ۽ آر او کي هدايتون ڏنيون آھن ته شفاف ۽ منصفاڻي اليڪشن کي يقيني بڻايو وڃي چونڊ ضابطا اخلاق تي عملدرآمد هر صورت ۾ يقيني بڻايو وڃي سمورا وسيلا ڪتب آڻي چونڊن جي ڪاميابي کي يقيني بڻايو وڃي رپورٽن موجب اين اي 213 تي ننڍي چونڊ ۾ 18 اميدوار ميدان ۾ آهن، پيپلز پارٽي جي صبا ٽالپر آزاد اميدوار لال مالهي ۽ پاڪستان تحريڪ لبيڪ جي عمر جان سرهندي سميت 18 اميدوار ميدان ۾ آھن تڪ ۾ سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن ڪنهن به بي ضابطگي جي خلاف ورزي يا بدانتظامي خلاف سخت ڪارروائي جون اليڪشن ڪميشن سنڌ پاران ھدايتون جاري ڪيون ويون آھن ننڍي چونڊ ۾ ڪل 4628 پولنگ اسٽاف پنھنجي ڊيوٽي سرانجام ڏيندو، انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنن تي سي سي ٽي وي ڪئميرائون لڳل ھونديون ڪل 4200 اھلڪار پنھنجي ڊيوٽي سرانجام ڏيندا جنھن ۾ ڪل 7 ايس ايس پيز، 12 ڊي ايس پيز ۽ ٻيا پوليس اهلڪار شامل ھوندا عمرڪوٽ: صوبائي اليڪشن ڪمشنر سنڌ اعجاز انور چوھاڻ سان دربار ھال ۾ ٿيل گڏجاڻي ۾ ڊسٽرڪٽ ريٽرننگ آفيسر اين اي 213 عمرڪوٽ ۽ڊي سي عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ، ايس ايس پي عمرڪوٽ عذير احمد ميمڻ ريجنل اليڪشن ڪمشنر ميرپورخاص امتياز ڪلھوڙو ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر عمرڪوٽ سيد طيب انور بخاري رٽرننگ آفيسر ۽ ٻيا عملدار شريڪ ٿيا ۽ انھن تفصيلي بريفنگ ڏني
لال مالهي اتحادين جو گڏيل اميدوار آهي: مظفر شاهه
عمرڪوٽ: سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد مظفر حسين شاهه مالھي ھائوس پھچي آزاد اميدوار لال مالھي سان ملاقات ڪئي ۽ ڀرپور مدد ڪرڻ جو يقين ڏياريو ميڊيا سان ڳالھائيندي سيد مظفرحسين شاهه چيو ته جي ڊي اي پي ٽي آءِ ۽ دريا بچايو پاران گڏيل طور لال مالھي کي بيھاريو ويو آھي اسان ڀرپور مدد ڪنداسين پولنگن بابت قانوني سھڪار به ڪبو ھن چيو ته ارسا ائڪٽ ۾ واضح لکيل آھي ته سسٽم ۾ پاڻي پھرين صوبن کي پورو ڪري ڏيڻو آھي ڪئنال اھڙي صورت ۾ نٿا ڪڍي سگھجن 91 جي معاھدي تحت سنڌ کي حصي جو پورو پاڻي ملڻ گھرجي.
|
اين اي 213 تي ننڍي چونڊ: ڪنري ۾ جلسو، تيمور ڀاءُ سان به سچو ناهي: اڳواڻ
ڪنري(رپورٽ: انيل ڪمار مڪواڻا) ڪنري ويجھو ڳوٺ مورجھنگو ۾ مسلم ليگ نواز جي ڪسان ونگ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مير امان الله خان ٽالپر ذاتي حيثيت ۾ اين اي 213 تي ضمني چونڊ کان اڳ درياهه بچايو تحريڪ جي گڏيل اميدوار لالچند مالهي جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو، مير امان الله ٽالپر پاران ڳوٺ مورجھنگو ۾ ھڪ وڏو جلسو منعقد ڪيو ويو جنھن ۾ اين اي 213 جي اميدوار لالچند مالهي، پي ٽي آئي سنڌ جي اطلاعات سيڪريٽري عالمگير خان، اڳوڻي ايم پي اي ڊاڪٽر دوست محمد ميمڻ سميت پاڪستان تحريڪ انصاف جي عورتن، علائقي واسين، نوجوانن، ٻارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جلسي کي خطاب ڪندي درياهه بچايو تحريڪ جي اميدوار لالچند مالهي چيو ته تيمور ٽالپر پنھنجي ڀاءُ يونس سان سچو ناهي ته عوام سان ڪھڙو سچو ٿيندو، 18 سالن کان راڄ ڪندڙ ماڻھو 2 سئو ماڻھو گڏ ڪرڻ لاءِ ترسن پيا، مون چئلينج ته منهنجو مناظرو ڪريو پر مخالف مناظري کان ڀڄي ويا، نواب تيمور ٽالپر کي ٻڌايان ٿو ته توسان گڏ آصف زرداري آھي ته مونسان گڏ عمران خان، شاھ محمود قريشي ۽ پير پاڳاري جھڙيون شخصيتون آھن، 17 اپريل جو ڏينھن اوهان جي سياسي خاتمي جو ڏينھن آھي، ان موقعي تي مير امان الله ٽالپر، ڊاڪٽر دوست محمد ميمڻ، عالمگير خان، حاجي ساند، دينار چانڊيو، مير شھزاد ٽالپر، غظنفر ٽالپر، مير بابر ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.
|
لال مالھي 115 پولنگ اسٽيشنن تي اعتراض واري ڇڏيو
عمرڪوٽ: پ پ مخالف اميدوار لال مالھي عمرڪوٽ اليڪشن ۾ 115 پولنگ اسٽيشنن تي اعتراض واري ڇڏيو عمرڪوٽ پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ھن چيو ته 115 پولنگ اسٽيشنن تي ساڳين علائقن جي مقامي عملدارن کي پولنگ عملي طور مقرر ڪرڻ غيرقانوني آھي تفصيل اليڪشن ڪميشن ۽ ڊي آر او کي ڏنا آھن اھڙو پولنگ عملو نه ھٽايو ويو ته ان عملي کي پولنگ اسٽيشنن طرف نه وڃڻ ڏينداسين اھڙي پولنگ عملي جي رستا روڪ لاء الله واري چوڪ تين تلوار چوڪ آڏو ڌرڻا ھنيا ويندا لال مالھي وڌيڪ چيو ته 15 اپريل تي اڄ عمرڪوٽ ۾ سياسي تاريخ جو وڏو جلسو ٿيندو جنھن کي پي ٽي آء جي ڊي اي ۽ دريا بچايو ڪميٽي جي مرڪزي قيادت خطاب ڪندي عوام سنڌو دريا تي ڪئنال اڏيندڙن ۽ سنڌ جون زمينون وڪڻندڙن کي شڪست ڏيندو پريس ڪانفرنس دوران ايڊوڪيٽ ڀڳوانداس ڀيل فقير غلام نبي منگريو لياقت جوڻيجو گل بجير ۽ ٻيا موجود ھئا
پٿوري ۾ لال مالھي جي ڪارنر گڏجاڻي
پٿورو(ن پ ا) پٿورو دريا بچايو ڪاميٽي گڏيل اميدوار لال مالھي جي مان ۾ پٿورو واسين ڪارنر گڏجاڻي رکي وئي جنهن ۾ پٿوري واسين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي گڏجاڻي کي جي ڊي اڳواڻ فقير خضر حيات مڱريو، فقير مگھن مڱريو، ارباب انور سيد علي بابا شاهه، فقير حاجي محمد عمر مڱريو ۽ ٻين خطاب ڪيو