ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) عمرڪوٽ جي تڪ اين اي 213 تي ضمني چونڊ جي حوالي سان گڏجاڻي ۾ شرڪت نه ڪندڙ 8 ضلعي آفيسرن کان ڊي سي پاران وضاحت طلب، نوٽس جاري، خبر موجب عمرڪوٽ جي تڪ اين اي 213 تي ضمني چونڊ جي حوالي سان ڊي آر او ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويدالرحمان لاڙڪ پاران گذريل ڏينهن ضلعي آفيسرن سان گڏجاڻي ڪوٺائي وئي هئي، جنهن ۾ 8 آفيسرن شرڪت نه ڪئي، جنهن بعد ڊپٽي ڪمشنر پاران گڏجاڻي ۾ شرڪت نه ڪندڙ 8 ضلعي آفيسرن کان وضاحت طلب ڪرڻ لاءِ نوٽس جاري ڪندي ٻن ڏينهن اندر جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي،گڏجاڻي مان غيرحاضر رهندڙن ۾ ايڪسيئن حيسڪو عمرڪوٽ امتياز ميمڻ، ڊويزنل فاريسٽ آفيسر جان محمد سومرو، ايڪسيئن پبلڪ هيلٿ محمد يوسف شيخ، سامارو ۽ ڍورو نارو جو ٽائون آفيسر فرحان علي لغاري، ضلعي مئنيجر  پي پي ايڇ آئي، شرف دين، ايڪسيئن هاءِ وي ڊويزن عبدالمجيد مڱريو. ايڊيشنل ڊائريڪٽر ايگريڪلچر ايڪسٽينشن امام بخش ڪلهوڙو، ايڪسيئن روڊس مشينري اينڊ مين ٽينسس شوڪت راڄپر شامل آهن، ڊپٽي ڪمشنر پاران جاري ڪيل نوٽس ۾ ضلعي آفيسرن کان پڇاڻو ڪيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي اعلانيل ضمني چونڊ جي انتظامن جي حوالي سان اهم گڏجاڻي ۾ شرڪت ڇو نه ڪئي، شرڪت نه ڪرڻ بابت ڪو به اطلاع نه ڪيو، ٻن ڏينهن ۾ غير حاضري بابت وضاحت ڪريو، ٻئي صورت ۾ اوهان جي خلاف اليڪشن ايڪٽ 2017 تحت ڪاروائي لاءِ لاڳاپيل اختيارين کي لکيو ويندو، ياد رهي ته اين اي 213 عمرڪوٽ نواب يوسف ٽالپر جي فوت ٿيڻ سبب سيٽ خالي ٿي هئي،.جنهن تي 17  اپريل تي ضمني چونڊ رٿيل آهي.