اسلام آباد: مالي سال 2025-26 جي وفاقي بجيٽ ۾ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي لاءِ 226 ارب 98 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رقم رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، ناڻي وزير بجيٽ تقرير دوران چيو ته ٽرانسپورٽ انفرا اسٽرڪچر سيڪٽر لاءِ وفاقي حڪومت پي ايس ڊي پي 2025-26ع جي مجموعي هڪ هزار ارب رپين مان 328 ارب مختص ڪيا آهن، ڪراچي-چمن روڊ لاءِ 100 ارب مختص ڪيا ويا آهن، سکر-حيدرآباد موٽروي تعمير لاءِ 15 ارب، ٿرڪول ريل لاءِ 7 ارب رکيا ويا آهن.