سکر/روهڙي(نمائندن وٽان) صوبائي وزير ناصر شاهه چيو آهي ته سنڌو درياءَ تي ڪو به ڪينال منظور ناھي، اهڙن منصوبن سان ملڪ ۾ انتشار پئدا ٿيندو، نيشنل ھاءِ وي اٿارٽي جو سنڌ تي ڪو ڌيان ناھي، ان جو نالو پنجاب ھاءِ وي اٿارٽي رکيو وڃي، نارا ڪينال جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پ پ قيادت هميشه پاڻي مسئلي تي کلي ڳالهايو آهي، وڏي وزير مراد علي شاهه وزيراعظم کي ان معاملي تي خط لکيو آهي ۽ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس ڪوٺائڻ جو مطالبو ڪيو آھي، سي سي آءِ جو اجلاس ٿيڻ وارو آهي، جنهن لاءِ اسان مڪمل تياري ڪري ورتي آهي، هن چيو ته پ پ جو واضح موقف آهي ته اسان سنڌو درياءَ تي ڪو به ڪينال منظور نه ڪنداسين، ڪالا باغ ڊيم تي به اسان جو موقف واضح ھو.