دنيا ۾ ماڻهن پيسي کي ايتري ترجيح ڏني آهي جو اڄ اگر اين ايف ٽي بند ٿي آهي ته سچ پڇو سوين ڪهاڻيون لکي سگهجن ٿيون، تمام ٿورن ماڻهن پيسا ڪمايا هوندا باقي اڪثر ماڻهن پيسا وڃايا آهن، هڪڙو منهنجو دڪان وارو دوست هيو مان ويومانس دڪان ۾ سامان نه هيس مان چيو ڇو دڪان خالي ڪيو ٿئي؟ چيس پيسا لڳايا آهن اين ايف ٽي ۾ ٽي لک مهينو اتان ڪمائيندو آهيان، ٻي ڳالھ چيس ته اسان جي سموري مارڪيٽ ۾ سڀني پيسا ان ۾ وڌا آهن پر هزار نه لک رپين جي ڳالھه پيو ڪري، ٻيو وري امير ٿيڻ جا شوقين پيسن جا عاشق ڪرپٽوڪرنسي ۾ به تباھه ٿيا آهن، اربين ڊالر ماڻهن جا اتي پيل آهن، هڪڙا پاڻ سڪا ٺاهن ٿا ان کي پاڻمرادو ئي اگھه ۽ ويليو ڏين ٿا ماڻهو خريد ڪن ٿا وري اهي کپائن ٿا، اها ڪرنسي وري ڪنهن ٽڪي جي به نه ٿي رهي وري ڪڏهن ڪروڙين رپين جو ملھه ٿي ڪري، چوڻ جو مقصد اهو  آهي ته پوري دنيا جي ماڻهن کي هڪ نظر نه ايندڙ خود ساخته دولت ۾ پوري دنيا جو پيسو وڏن وڏن مها ۽ جديد ٺڳن ڏي هلندي پئي وڃي پر ان سان پوري دنيا ۾ ڪا ترقي نه ٿي ٿئي، دنيا اتي ئي بيٺل رهجي وئي آهي، دنيا جو ناڻو هڪ فضول انگن جي چڪرن ۾ ڦاٿو پيو آهي، جيڪو صرف ڪوڙو ڏيک آهي، جتي اربين ڊالر پيل آهن، ٻئي پاسي ڪجھه ماڻهو هڪ ماني ويلي لاءِ پريشان آهن.(فيس بوڪ تان ورتل)