ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ ۾ دل جي وڏي اسپتال اين آءِ سي وي ڊي ۾ مبينا طور اربين روپين جي بي ضابطگين بابت ٽرانسپيرينسي انٽرنيشل وڏي وزير کي خط لکي ذميوارن خلاف ڪاروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو . ان حوالي سان ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل خط ۾ ڄاڻايو آهي ته اين آءِ سي وي ڊي ۾ قاعدن ۽ ضابطن جي ابتڙ مقرريون ڪري، دوائن توڙي ٻئي مختلف سامان جي خريداري دوران قاعدن جي ابتڙ ادائگيون ڪري قومي خزاني کي 40 ارب رپين کان وڌيڪ رقم جو نقصان پهچايو ويو آهي. خط ۾ لکيو ويو آهي ته ڪاشف، الطاف، متين، سيد فضل عباس، عبدالطيف ڊار، داور حسين، سيد خورشيد حيدر، خليل احمد خان، فيصل عبدالستار کي غيرقانوني طور تي ڀرتي ڪري خزاني کي 170 ملين جو نقصان پهچايو ويو آهي، خط ۾ ڊائريڪٽر جنرل آڊٽ سنڌ جي 2023_24ع جي رپورٽ جو حوالو ڏيندي لکيو ويو آهي ته اين آءِ سي وي ڊي اختيارين من پسند ملازمن کي اضافي پگھارن، الائونسز ۽ ٻين مراعتن جي مد ۾ قومي خزاني کي 7.3 ارب رپين جو نقصان پهچايو آهي. جڏهن ته ٺيڪيدارن کي به مشڪوڪ ادائگين ذريعي 74 ڪروڙ روپين جو خزاني جو نقصان ڏنو ويو آهي.