ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير مراد شاهه اين آءِ سي وي ڊي ۽ ايس آءِ سي وي ڊي کي ضم ڪرڻ جي منظوري ڏني. ڪالهه اين آءِ سي وي ڊي جي بورڊ جي اجلاس ۾ اداري جي ڪارڪردگي، مالي صورتحال ۽ مستقبل جي منصوبن جو جائزو ورتو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اين آءِ سي وي ڊي جي سالياني بجيٽ 9 ارب رپيا آهي، هن وقت ادارو 2 ارب رپين جي مالي خساري کي منهن ڏئي رهيو آهي، جنهن تي وڏي وزير چيو ته اين آءِ سي وي ڊي ۽ ايس آءِ سي وي ڊي جي گڏيل بجيٽ 20 ارب رپيا آهي. ٻنهي ادارن کي گڏائڻ سان اين آءِ سي وي ڊي جو مالي خساري پورو ڪندو، جڏهن ته بچيل فنڊ اين آءِ سي وي ڊي جي رَهتن جي ادائيگي لاءِ استعمال ڪري سگهجن ٿا. وڏي وزير  چيو ته اين آءِ سي وي ڊي ۾ اضافي ملازم ڀرتي ٿيل آهن ، انهي ڪري نئين ڀرتين تي پابندي لاڳو ڪئي وڃي