ڪراچي (رپورٽ:نظير ميمڻ) اين آءِ سي وي ڊي سربراهه واري سيٽ ڏيڍ سال کان خالي، ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پاڪستان  نئين مقري لاءِ نگران وڏي وزير کي خط لکي ڇڏيو، ان ڏس ۾ سنڌ جي دل واري وڏي اسپتال اين آءِ سي وي ڊي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر نديم قمر جي مقرريءَ جو مدو 9 مئي 2022 تي ختم ٿي ويو، جنهن بعد سرڪار پاران ڪا نئين مقرري نه ڪئي وئي، ان سلسلي ۾ ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر کي خط لکي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عملدرآمد نه ٿيڻ جي شڪايت ڪندي نئين مقرري تي زور ڀريو آهي، جاري ڪيل خط موجب  ڊاڪٽر نديم قمر جي مقرريءَ جو مدو 9 مئي 2022ع تي مڪمل ٿيڻ بعد پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ کاتي جي سليڪشن ڪاميٽي نئين ڀرتي  لاءِ اشتهار جاري ڪيو، جنهن هيٺ 7 اميدوارن اپلاءِ ڪيو، شارٽ لسٽ ڪيل ٽن آفيسرن کي انٽرويو لاءِ گهرايو ويو، جنهن ۾ پهرين نمبر تي پروفيسر طاهر صغير کي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر لاءِ اهل قرار ڏنو ويو، جڏهن ته ڪاميٽي پروفيسر طارق اشرف کي ٻئي نمبر ۽ پروفيسر محمد نواز لاشاريءَ کي ٽئين نمبر تي نامزد ڪيو، صحت کاتي جي اڳوڻي سيڪريٽري ذوالفقار شاهه سمري تيار ڪري صحت واري سيڪريٽري عذرا پيچوهو کي موڪلي، جنهن وري اها سمري 22 فيبروري 2023ع تي وڏي وزير ڏانهن اماڻي، خط موجب ڊاڪٽر نديم قمر سياسي اثر استعمال ڪندي اها سمري 7 مهينن کان روڪرائي ڇڏي ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل نئين مقرري جو مطالبو ڪيو آ هي