ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ ۾ دِل واري وڏي اسپتال اين آءِ سي وي ڊي ۾ ميگا ڪرپشن وارو معاملو، اداري جي چيف فنانشل آفيسر جا ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر تي ڪرپشن ۽ ضابطن جي ڀڃڪڙي جا الزام، ان ڏس ۾ اين آءِ سي وي ڊي جي چيف فنانشل آفيسر فيصل عبدالستار وڏي وزير سيد مراد شاھه ۽ صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو کي خط لکي ڄاڻايو آهي ته اين آءِ سي وي ڊي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر طاهر صغير من پسند نرس جي پگهار 2 لک 45 هزار مان وڌائي 5 لک رپيا ماهوار مقرر ڪئي وئي آهي، جيڪا قاعدن ۽ ضابطن جي ڀڃڪڙي آهي. خط ۾ لکيو ويو آهي ته ڊاڪٽر طاهر صغير ماهوار 1400 ليٽر پيٽرول استعمال ڪرڻ سان گڏ غيرقانوني طور تي 1800 سي سي جون 2 گاڏيون استعمال ڪري رهيو آهي، خط ۾ لکيو ويو آهي ته ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر طاهر صغير ايس آءِ سي وي ڊي جي 11 ارب رپين جي بجيٽ مان به قانون جي ابتڙ 5 سيڪڙو پروفيشنل في وٺي رهيو آهي. جڏهن ته هن بِنا اشتهار جي ماهوار 5 لک روپين جي پگھار تي سيڪيورٽي هيڊ به مقرر ڪري ڇڏيو آهي. خط ۾ اپيل ڪئي وئي آهي ته ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر طاهر صغير خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.