لاهور (م ڊ) اينڪر پرسن عمران رياض آزاد ٿيڻ کان پوءِ گم ٿي ويو آهي.  ان ڏس ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ سندس بازيابي بابت ٻڌني ٿي.  ٻڌڻي دوران پوليس اختيارين ٻڌايو ته هنن اينڪر پرسن عمران رياض کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي. جنهن تي عدالت چيو توهان عمران رياض کي آزاد ڪري ڇڏيو آيه ته پوءِ هو ڪيڏانهن ويو؟ جنهن تي پوليس اختيارين چيو ته ان جي اسان کي ڪا خبر ناهي. عدالت چيو ته جيڪڏهن غلط بياني ڪئي وئي ته آر پي او ۽ جيلر کي گرفتار ڪنداسين.