ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڏکڻ جي عدالت اينڪر مريد عباس قتل ڪيس جي اهم شاهد عمر ريحان جو وڊيو لنڪ ذريعي بيان رڪارڊ ڪرائڻ واري درخواست منظور ڪري ورتي، سرڪاري وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته شاهد عمر ريحان شاهدي ڏيڻ  لاءِ ڪيترائي ڀيرا اچي چڪو آهي، هن وقت هو اعليٰ تعليم لاءِ برطانيا ويل آهي، سندس بيان وڊيو لنڪ ذريعي رڪارڊ ڪيو وڃي ته جيئن ڪيس جي ٽرائل ۾ دير نه ٿئي، جوابدار عاطف زمان جي وڪيل درخواست تي اعتراض ڪندي چيو ته عمر ريحان عدالت جي اجازت بنا  پرڏيهه ڪيئن ويو؟ کيس واپس گهرايو وڃي جنهن تي عدالت چيو ته ٽيڪنالاجي ۾ جدت اچي وئي آهي، وڊيو لنڪ ذريعي به بيان رڪارڊ ڪرائي سگهجي ٿو، عدالت پراسيڪيوشن کي شاهد جو بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ بندوبست ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.