ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) اينٽي ڪرپشن ۾ اٿل پٿل، هڪ ئي ڏينهن ۾ 52 آفيسر بدلي، اڳوڻي  چيئرمين عثمان غني پاران مقرر ڪيل 21 ضلعن جي سرڪل آفيسرن  کي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب  سنڌ حڪومت پاران اينٽي ڪرپشن کاتي جي نئين مقرر ڪيل چيئرمين ذوالفقار شاھه  عدالتي ويڙهه ۾ اڳوڻي چيئرمين عثمان غني صديقي  کي پوئتي ڌڪڻ بعد سندس دور ۾ مقرر ٿيل 52 آفيسرن کي تبديل ڪري ڇڏيو

اڳوڻي چيئرمين سان ويجھڙائپ رکندڙ 21 سرڪل آفيسرن کان پوسٽنگ واپس وٺي کين اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. ان حوالي سان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب  ڪورنگي جي سرڪل آفيسر سرفراز شاھ، سائوٿ جي شاهنواز راهپوٽو، ايسٽ جي بشير جاگيراڻي، ملير جي بهادر مگسي، مٽياري جي سانول گھوٽو، ٽنڊي محمد خان جي ڪاشف گجر، ٺٽي جي صفدر پنهور کي هٽايو ويو آهي

ٽنڊي الهيار جي آغا حسين شهيد، دادو جي فياض ڀرٽ، سجاول جي غلام علي بوزدار، سکر جي صنم سهتو، خيرپور جي جنسار سومرو، گهوٽڪي جي حافظ رفيق، لاڙڪاڻي جي منور نائچ، شڪارپور جي شاهنواز راڄپر، جيڪب آباد جي زاهد بشير، قمبر جي اقبال حيدر کوکر، ڪشمور جي ثناالله اعواڻ، ميرپورخاص جي محمد نواز پنهور، مٺي جي منصور پنهور، ٺري ميرواھه سب سرڪل جي سرڪل آفيسر نويد شيخ  ۽ سکر جي ڊپٽي ڊائريڪٽر آفيس جي انسپيڪٽر وهاب ٻرڙوکي هٽائي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي

اهڙي طرح شهيد بينظيرآباد جي سرڪل آفيسر اسد ڪورائي کي بدلي ڪري ڪراچي سائوٿ، سکر جي ڊپٽي ڊائريڪٽر سيف الله هاليپوٽو کي سرڪل آفيسر ڪورنگي، سينٽرل مان شاهد شاهاڻي کي بدلي ڪري ڄامشوري، حيدرآباد جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر سليم الله ميمڻ کي سرڪل آفيسر ملير، عرفان علي ارباب کي ويسٽ ڪراچي، خالد محمود کي سينٽرل ڪراچي، عبدالقادر دراني کي ايسٽ ڪراچي، شفقت مرزا کي حيدرآباد، اسرار ڀٽو کي ميرپورخاص، ذيشان حيدر ميمڻ کي مٽياري، امتياز چنا کي ٽنڊو محمد خان، عباس لاڙڪ کي بدين، جاويد مستوئي کي قمبر ،  محراب خان کي ٺٽو مقرر ڪيو ويو آهي

آصف راڄپر کي دادو، اڪرام مغيري کي سجاول، اسد اقبال کي سکر، ذيشان مگسي کي خيرپور، جاويد ڇڇر کي سب سرڪل ٺري ميرواھ، زيد عباس کي شهيد بينظيرآباد، منير سومرو کي نوشهروفيروز، فتاح مهر کي گھوٽڪي، سمائر خان کي سانگھڙ، فرحان ڀٽو کي شڪارپور، صفدر جوڻيجو  کي جيڪب آباد، منظور ميمڻ کي لاڙڪاڻو، ثناالله اعواڻ کي ڪشمور،  نظير ملڪ کي ٽنڊي الهيار، خورشيد ڀٽي کي عمرڪوٽ ۽ خدا بخش لغاري کي مٺي ۾ سرڪل آفيسر مٺي مقرر ڪيو ويو آهي.