ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اينٽي ڪرپشن طرفان ٽائون آفيسر ڏوڪري عمران علي سيال ۽ ٻين خلاف جاچ شروع ڪري ڇڏي، جاچ آفيسر هڪ نوٽيس جاري ڪندي ٽائون آفيسر کي پهرين ڊسمبر تي ڪلرڪ سميت طلب ڪري ورتو. نوٽيس ۾ ٽائون آفيسر کي هدايت ڪئي وئي ته سبزي مارڪيٽ ۽ مال پڙي سميت  ٽيڪس جي مد ۾ ڪيتري آمدني ٿي آهي؟ ٽن سالن دوران واٽر سپلائي ٽينڪ جي مرمتي ڪمن ۾ ڪيترو خرچ آيو، رڪارڊ ڏنو وڃي. ترقياتي ڪمن جا تفصيل، ٺيڪيدارن جا نالا ڏنا وڃن، ڪهڙا ترقياتي ڪم ڪڏهن شروع ٿيا ۽ ڪڏهن مڪمل ٿيا، رڪارڊ ڏنو وڃي