لاهور(م ڊ) پنجاب جي اينٽي ڪرپشن اداري اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي جي گهر تي ڇاپي ۾ گرفتاري ۾ ناڪامي بعد پرويز الاهي خلاف دهشتگردي جي قلمن تحت ڪيس داخل ڪري ورتو ۽ کيس گرفتار نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اينٽي ڪرپشن وارن پرويز الاهي جي گهر تي ڪاهه ڪري ڀڃ ڊاهه ڪئي هئي پنجن ڪلاڪن بعد اهلڪار واپس هليا ويا ۽ پرويز الاهي اتان گرفتار ڪيل ماڻهن تي پوليس ۽ اينٽي ڪرپشن ٽيم تي پيٽرول بم اڇلائڻ ۽ پٿراءُ ڪرڻ تي دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. پرويز الاهي وارن پوليس جو آپريشن خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي. اينٽي ڪرپشن کي ضمانت جا دستاويز ڏيکاريا ويا جنهن بعد پرويز الاهي کي 6 مئي تائين گرفتار نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان جي خلاف جاچ جاري رکي ويندي. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پرويز الاهي جي پٽ راسخ الاهي درخواست داخل ڪئي آهي.