ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) اينٽي ڪرپشن کاتي ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر (اسٽاف) وارن عهدن تي مقرر آفيسرن کان انڪوائري ڪرڻ جا اختيار زباني هدايتن تي واپس، ڊيپوٽيشن تي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر طور مقرر ٿيل ٽيڪنيڪل آفيسرن کي انڪوائرين جا مڪمل اختيار حاصل، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب اينٽي ڪرپشن کاتي ۾ ڊيپوٽيشن تي مقرر ٿيندڙ ٻين کاتن جا آفيسر حاوي ٿي ويا آهن، اينٽي ڪرپشن کاتي ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر اسٽاف جون 17هين گريڊ واريون مجموعي طور تي 6 پوسٽون آهن، ڪراچي سائوٿ ۽ ايسٽ زون، ڄامشوري توڙي سکر زونن ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر (اسٽاف) وارين پوسٽن تي اينٽي ڪرپشن کاتي جا پنهنجا آفيسر مقرر ٿيل آهن، جڏهن ته ڪراچي جي ويسٽ زون، ميرپورخاص، حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻو توڙي شهيد بينظيرآباد زون ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر (اسٽاف) جي پوسٽ ئي ناهي، جڏهن ته ڪراچي ويسٽ زون ۽ ڊائريڪٽر اسٽيبلشمينٽ ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر اسٽاف وارا عهدا خالي پيل آهن، ان سلسلي ۾ ڄاڻ ملي آهي ته اينٽي ڪرپشن جي اختيارين پاران مختلف کاتن مان ڊيپوٽيشن تي اينٽي ڪرپشن ۾ مقرر ٿيندڙ آفيسرن کي ڪرپشن جي مختلف معاملن جون انڪوائريون حوالي ڪيون وينديون آهن جڏهن ته کاتي جي پنهنجن اسسٽنٽ ڊائريڪٽرن اسٽاف کان انڪوائريون ڪرڻ جا اختيار رڳو زباني حڪمن تي واپس ورتا ويا آهن، هڪ آفيسر ٻڌايو ته اينٽي ڪرپشن کاتي ۾ 20 کان 30 سالن تائين خدمتون ڏيندڙ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر اسٽاف وارن آفيسرن کي انڪوائري لاءِ اهل نه پيو سمجھيو وڃي. جنهن ڪري کاتي جي آفيسرن ۾ مايوسي پيدا ٿي وئي آهي.