اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) ايندڙ چونڊ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ذريعي ڪرائڻ ۽ سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ صدر ڊاڪٽر عارف علوي آرڊيننس جاري ري ڇڏيو، صدر پاران والدين جي تحفظ لاءِ به آرڊيننس جاري ڪيو ويو تفصيل موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايندڙ عام چونڊون اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ذريعي ڪرائڻ ۽ ايندڙ چونڊن ۾ سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ اليڪشن ايڪٽ 2017ع ۾ ترميمي آرڊيننس جاري ڪري ڇڏيوآهي، جاري ڪيل آرڊيننس ۾ چيو ويو آهي ته سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جا اجلاس نه ٿي رهيا آهن، صدر مطمئن آهي ته اليڪشن ايڪٽ 2017ع ۾ فوري ترميمن جي ضرورت آهي، جنهن ڪري صدر آئين جي آرٽيڪل 89 جي شق هڪ تحت حاصل اختيار ڪندي اليڪشن ايڪٽ 2017ع ۾ ترميم جو آرڊيننس جاري ڪيو آهي، جنهن کي اليڪشن ايڪٽ 2017ع ۾ ٻئين ترميم جو آرڊيننس 2021ع جي نالي سان سڏيو ويندو، هي آرڊيننس سڄي ملڪ ۾ فوري طور تي لاڳو تصور ٿيندو، آرڊيننس تحت اليڪشن ايڪٽ 2017ع جي جي سيڪشن 94 ۾ ترميم شامل ڪئي وئي آهي جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن کي پابند بڻايو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن سمنڊ پار پاڪستانين کي لاڳاپيل پرڏيهي ملڪن ۾ رهي ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ نيشنل ڊيٽا بيس ۽ رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) ۽ ٻئي ڪنهن به اٿارٽي يا ايجنسي کان مدد وٺڻ جي پابند هوندي، جڏهن ته انهيءَ آرڊيننس تحت اليڪشن ايڪٽ جي سيڪشن 103 ۾ شامل ڪيل ترميم ۾ اليڪشن ڪميشن کي ايندڙ عام چونڊون اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ذريعي ڪرائڻ لاءِ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينون (EVMs) خريد ڪرڻ جو پابند بڻايو ويو آهي، جڏهن ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي آئين جي آرٽيڪل 89 تحت حاصل اختيار استعمال والدين جي تحفظ لاءِ به آرڊيننس جاري ڪيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته آرڊيننس کي والدين جي تحفظ جو آرڊيننس 2021ع جي نالي سان سڏي ويندو، هي آرڊيننس سڄي ملڪ ۾ لاڳو تصور ٿيندو، آرڊيننس جي شق 3 تحت اولاد پاران والد، والده، يا ڏاڏي يا ڏاڏيءَ کي پنهنجي ذاتي يا ڪرائي واري گهر مان زبردستي گهر مان ڪڍڻ سنگين ڏوهه تصور ٿيندو، اهڙي ڏوهه جي مرتڪب کي هڪ سال تائين قيد سان گڏ ڏنڊ جي سزا به ڏئي سگهبي، جڏهن ته آرڊيننس جي سيڪشن 4 تحت والد، والده، ڏاڏي يا ڏاڏيءَ کي پنهنجي پٽ يا انهن جي گهرواريءَ کي پنهنجي يا ڪرائي واري گهر مان ڪڍڻ جو قانوني حق حاصل هوندو، اگر ڪو به پٽ يا ان جي گهرواري والدين جي هدايت تي گهر 7 ڏينهن اندر نه ڇڏي ته اهي ڏوهي تصور ٿيندا، جنهن ڏوهه عيوض کين 30 ڏينهن جيل ۽ 50 هزار ڏنڊ جي سزا ڏئي سگهبي، اولاد پاران گهر نه ڇڏڻ تي والدين پاران لاڳاپيل ڊپٽي ڪمشنر کي درخواست ڏني ويندي، جنهن تي ڊپٽي ڪمشنر ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندو، والدين گهر خالي ڪرڻ جي درخواست ذاتي يا گڏيل ملڪيت واري گهر هجڻ جي صورت ۾ ڏيندا، جنهن تي پوليس کي بنا وارنٽ گرفتاري جا اختيار هوندا، گرفتاري کان پوءِ مئجسٽريٽ وٽ ڪيس هلندو، جڏهن ته متاثر ڌر 30 ڏينهن اندر سيشن ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪري سگهندي.