ملتان(اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي اڳوڻي چيمپيئن ملتان سلطانز جي مالڪ علي ترين اشارو ڏنو آهي ته هو رقم وڌائي ٻيهر فرنچائز نه خريد ڪندو. اڳوڻي پي ايس ايل چيمپيئن ۽ ٽي ڀيرا رنر اپ فرنچائز ملتان سلطانز جي مالڪ علي ترين هڪ مقامي پوڊ ڪاسٽ کي ٻڌايو ته هو پئسا وڌائي ٻيهر فرنچائز نه خريد ڪندو، پر نيلامي ۾ ويندو ته جيئن ڪو نقصان نه ٿئي. مون کي خبر آهي ته ٽيم کي ڪيتري ۾ خريد ڪجي. مون کان اڳ مالڪن به ملتان سلطانز کي ڳري نقصان جي ڪري ڇڏي ڏنو. هن سوال اٿاريو، ٻڌاءِ ته مون کي ڪيترو نقصان برداشت ڪرڻ گهرجي؟” ملتان سلطانز جي قيمت به ڪراچي ڪنگز جي برابر آهي، مان انهن کي ساڳئي رقم ۾ خريد ڪندس. علي ترين چيو ته ملتان اسان جو هوم گرائونڊ آهي. جڏهن اسان ٽي ميچ هارائي ويا، مون ٽيم کي چيو ته پريشان نه ٿيو. اسين گهر وڃي رهيا آهيون. اتي ڪو به اسان کي شڪست نٿو ڏئي سگهي. چيمپيئن ٽيم اها آهي جيڪا خراب حالتن ۾ پرفارم ڪري ٿي. ملتان سلطانز نه رڳو مشڪل حالتن مان نڪرندي پر ٽائيٽل به کٽيندي.