ٽائيم نيوز جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته ڪئنالن خلاف تحريڪ ۾ سموريون سياسي، سماجي، مذهبي ڌريون متحد: گڏيل جدوجهد جو اعلان: ان اعلان کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو ؟ ڪهڙي حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي ؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته سمورين ڌرين جي گڏجڻ جي آجيان ڪندي مختلف تجويزون به پيش ڪيون، سروي ۾ چيو ويو ته سمورين پارٽين جو ڪنهن هڪ نقطي يعني سنڌ جي پاڻي جو اتحاد وقت جي ضرورت هئي ۽ آهي، سڄي سنڌ جي ننڍين وڏين جماعتن کي ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف ون پوائنٽ ايجنڊا تحت گهڻو اڳ ئي گڏجڻ گهرجي ها، هاڻي ٿيندڙ اڳڀرائي تي ڀليڪار چئجي ٿو، سروي ۾ اهو به چيو ويو ته ھاڻي فيصلا روڊن تي ٿيندا سو سنڌ دوست پارٽين جو گڏجڻ تمام بهترين نتيجا ڏيندو، ايندڙ وقت پ پ لاءِ اڃا به وڏو چيلينج آهي، ڪئنالن واري معاملي تي قوم جاڳي پئي آھي، گڏيل حڪمت عملي سان اسان ڪئنالن واري منصوبي کي رد ڪرائي وينداسين. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي سارنگ منير سومرو لکيو ته سنڌ ۾ ھڪ نئين انقلاب لاءِ ماحول ٺھي رھيو آھي جيڪو ماحول ڪئنال جي حامين ڪرپٽ سياستدانن کان حساب وٺندو، مخدوم مينهل لکيو ته ڪئنالن خلاف گڏيل جدوجهد بهترين قدم آهي، عبدالقدير ميمڻ لکيو ته سمورين پارٽين جو ڪنهن هڪ نقطي يعني سنڌ جي پاڻي جو اتحاد وقت جي ضرورت هئي ۽ آهي. ضرورت ان امر جي آهي ته انهيءَ جوڙيل ڪاميٽي ۾ پاڻيءَ جا ماهر، آبپاشي جا موجوده ۽ رٽائرڊ ڪامورن سان بحث مباحثا ۽ صلاحن سان گڏ ليگل ڪاميٽي جهڙي ٿنڪ ٽينڪ هجي ۽ سياسي ميدان تي مستقل ۽ ڊگهي جدوجهد لاءِ سياسي تنظيمون پنهنجن ڪارڪنن ۽ پارٽي کي ذهني طور تيار رکڻ گهرجن. گهڻي خرچ ڪرڻ وارن احتجاجن کان گهٽ خرچ وارا ۽ نئين جدت سان احتجاجن ۾ نواڻ ۽ آرگنائيز هئڻ لازمي آهن، جنهن سان لوڪل ۽ انٽرنيشنل ميڊيا جو ڌيان جلد ڇڪجي اچي ان کان علاوه اتحادي تنظيمن کي سوشل ميڊيا تي وڌيڪ ايڪٽو هئڻ سان گڏ روزانو جي بنياد تي مخصوص مقرر ڪيل وقت تي گڏيل بيان ۽ پاليسي کي زور شور سان هلائڻ کي ذميواري ۽ فرض سمجهڻ گهرجي، عبد آريسر لکيو ته جيستائين پنجاب حڪومت کي اکيون نه ڏيکاربيون تيستائين اھي انياءَ جاري رھندا
سنڌ ۾ گڏيل جدوجهد ته اھو نتيجو ڏنو آھي جو انھي سمري تي صحيح ڪندڙ ملڪي موجوده صدر ڪورونا جو سبب ڄاڻائي اسپتال ڀيڙو ٿيو اڃا به سنڌ منجھان وڪيلن، استادن، ڊاڪٽرن سميت سمورن کي ھڪ ٿي ڪري پنجاب ويندڙ رستا بند ڪرڻا پوندا، تڏهن ئي سنڌو بچي سگھندو، ھن وقت سنڌو بچائڻ لاءِ ميدان عمل سنڌين کي قومي سلام پيش ڪيون ٿا، نويد خان لکيو ته سڀ وڪيل اڳواڻ، زين شاھه، اياز لطيف پليجو ۽ ذوالفقار جونيئر گڏجي نئين سياسي پارٽي ٺاھين ته سياست ۾ پ پ پ جي متبادل نه ملڻ وارو بھانو ئي ختم ٿي وڃي، سڀني قومپرست پارٽين کي عملي طور ھڪ ئي سياسي پارٽي ٺاھڻ گھرجي پوءِ ڀلي ھي مختلف ضلعن ۾ پنھنجا اميدوار بيھارن ۽ صوبائي اسمبلي جون سيٽون ورھائي کڻن ته اھي 40 سيڪڙو ماڻھو به ووٽ ڏيڻ ايندا جيڪي اليڪشن دوران گھرن تائين محدود ھوندا آھن، محمد علي مخلص سولنگي لکيو ته دير آيد درست آيد، سنڌو درياءَ تي ڌاڙي جو منصوبو سنڌ ۽ سنڌي قوم جي بقا جو مسئلو آهي انهي منصوبي خلاف جدوجهد لاءِ سڄي سنڌ جي ننڍين وڏين جماعتن کي ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف ون پوائنٽ ايجنڊا تحت گهڻو اڳ ئي گڏجڻ گهرجي ها، هاڻي ٿيندڙ اڳڀرائي تي ڀليڪار چئجي ٿو، عاطف لکيو ته مولانا راشد محمود سومرو ۽ جونيئر ذوالفقار ڀٽو کي اڳواڻي ڏني وڃي، ايوب کوسو لکيو ته پھرين ڳالھه اتحاد گڏجي تحريڪ جي شروعات ڪاميابي جي پھرين سيڙھي تي قدم رکڻ سان ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ منزلون ھاڻ ايترو پري ناھن، رھي ڳالھه حڪمت عملي جوڙڻ جي ته منھنجي ذاتي راءِ آھي اسان ھاڻ گھڻو برداشت ڪيو آ، ان ڪري پنجاب سان ھاڻ حساب ٿيڻ کپي سنڌ جو مطالبو موجوده ڪئنال رد ڪرڻ سوڌو پاڻي جو پورو حصو وٺڻ گھرجي، خير محمد کاڙت لکيو ته ڪئنالن جي مسئلي تي گڏجڻ تمام زبردست ۽ بھترين فيصلو آهي ھن وقت ھڪ طرف پاڻي جي کوٽ ٻي طرف ڪنهن به زرعي جنس جو ريٽ ناهي، ماڻهن ۾ وڏي نفرت ۽ مايوسي آهي، ھن وقت جيڪڏهن ھن مايوسي ۽ نفرت جو فائدو سنڌ دوست پارٽيون نٿيون کڻن ته ايندڙ وقت سنڌ لاءِ تمام گهڻو ڏکيو اچڻ وارو آهي، جمھوريت ۽ ھن سسٽم مان ماڻهو ڪو به آسرو نٿا رکن، ھاڻي فيصلا روڊن تي ٿيندا سو سنڌ دوست پارٽين جو گڏجڻ تمام بهترين نتيجا ڏيندو، الياس سمون لکيو ته ھن وقت سنڌ جي قومپرست ڌرين ۾اياز لطيف پليجو، زين شاھه، جونيئر ذوالفقار جس لھن سمورا قومپرست پنھنجي حصي جو ڪم ڪري رھيا آھن، باقي پ پ کان ڪئنالن سميت سمورا سنڌ دشمن فيصلا زوري ورتا وڃن پيا، ايندڙ وقت پ پ لاءِ اڃا به وڏو چيلينج آهي. اظهر امر لکيو ته منهنجي خيال ۾ سڀني کي هڪ ٿي هاڻي تڪڙا قدم کڻڻ گهرجن اگر هر ڪو الڳ ديڳڙي چاڙهيندو ويتر ماحول خراب ٿيندو سڀ جماعتون متفق ٿي هڪ هنڌ هڪ جاءِ تي گڏ ٿي ٻڌي جو ثبوت ڏين، غلام حسين ڀنڀرو لکيو ته اهو تمام بهترين عمل آهي، اي ڊي سومرو لکيو ته حڪمت عملي ھاڻي سخت ھئڻ گهرجي، پنجاب جا روڊ رستا مڪمل بند ڪرڻ گهرجن، سنڌ مان ويندڙ ريلوي ٽريڪ مڪمل بند ڪرڻ گهرجي، تيل گئس، بجلي جي فراهمي روڪڻ گهرجي، شعيب علي زئور لکيو ته بلڪل سٺو عمل آھي، پر اڃا به ڪجھه پارٽيون رھيل آهن انهن سان ملي اتحاد ۾ شامل ڪيو وڃي ۽ پنجاب ڏانھن ويندڙ روڊ رستا سڀ بند ڪيا وڃن پر امن جدوجھد کي جاري رکجي. گگن داس هوتچنداڻي لکيو ته پ پ ۽ ٻين وفاقي پارٽين جو بائڪاٽ ڪرڻ گهرجي، مجتبيٰ جوکيو لکيو ته تمام بهترين عمل آھي، ڪئنالن واري معاملي تي قوم جاڳي پئي آھي، گڏيل حڪمت عملي سان اسان ڪئنالن واري منصوبي کي رد ڪرائي وينداسين گڏيل طور ڀرپور احتجاج ٿيڻ کپن، سنڌ پنجاب بارڊر ٻن ڏينهن لاءِ بند ٿيڻ کپي، ان احتجاج ۾ هزارين نه لکين ماڻھو ڪٺا ڪجن. طاهر مري لکيو ته ڪجھه قومپرست ويزائن جي چڪر ۾ آهن ۽ ڪجھه وري اقتدار ۾ ڀائيوار ٿيڻ جا خواهشمند آهن. پ پ پ واحد پارٽي آهي،جيڪا ميدانِ عمل ۾ آهي. باقي سڀ جياپي جي جنگ وڙھن پيا. وفا سانوڻ نوحاڻي لکيو ته پھرين ڳالهه ته سنڌ ۾ سياسي پارٽيون ڪڏهن به متحد ٿينديون ڪونه ،ڇو ته سڀني جا مفاد الڳ الڳ ورھايل آهن ، سنڌ ۾سڀ جماعتون ظاھري طرح ته ڪئنالن جي مخالفت ۾ ھڪ آھن ، پر جدوجهد الڳ الڳ آهي ، ھڪڙيون پارٽيون پيپلزپارٽي جي مخالفت ۾پيش پيش آھن ، ھڪڙيون اسٽيبلشمنٽ جي خلاف اڻ سڌي طرح ٻئي جي ڪلھي تي چڙهي مخالفت ڪري رهيون آهن ، ظاھري جرئت نه اٿن، ھڪڙي اسٽيبلشمنٽ جي لاءِ دعا گهري رھي آھي ، ته ٻيءَ وري مخالف آهي ، اصل ۾سياست عروج تي آهي ، ڪئنالن جي آڙ ۾ پاڪستان مخالف جماعت به پاڪستان جي حامي جماعتن ۾ وچ ۾ اچي بيھي رھي آھي ، جيڪا سڄي پرامن جدوجهد کي ٻي رخ ۾ ڪيش ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رھي آھي ، وفاق دوست ، وفاق دشمن گڏ نٿا ھلي سگھن ، باقي ڪئنالن سنڌ جي زندگيءَ ۽ موت جو مسئلو آهي انھيءَ کي سياست جي ور نه چاڙهيو وڃي ، ان جي لاءِ مفاد کي ڇڏي حقيقي جدوجهد جي ذريعي سنڌو درياءَ کي سڪائڻ کان بچائي سگھجي ٿو ، پيپلزپارٽي سنڌ جي حقيقي عوامي مينڊيٽ رکندڙ پارٽي آهي انھيءَ کي جدوجهد ۾ شامل ڪري سنڌ کي وڏي بحران کان بچائي سگھجي ٿو ، وفاقي حڪومت کي ڪئنالن جي سنڌو درياءَ دشمن منصوبي کي ھميشه جي لاءِ دفن ڪرڻ جو اعلان ڪرڻ گهرجي، نفرتون پاڪستان جي سالميت جي خلاف سازشون آهن ، ننڍن صوبن کي پنهنجي ڌرتيءَ جا آئيني قانوني جائز سمورا حق ڏيڻا پوندا ، عمران جوڻيجو لکيو ته سنڌ جا ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز استعيفا ڏين پوءِ ڏسجو ڇا نٿو ٿئي، مظفر علي جتوئي لکيو ته سٺي ڳالھه آھي، مير وسيم عباس لکيو ته سڀني جي گڏجڻ سان تحريڪ وڌيڪ سگهاري ٿيندي، مظهر ڪانڌڙو لکيو ته دشمن کي سٺو پيغام آهي، لقمان کوسو لکيو ته سنڌ ۾ ھڪ نئين انقلاب لاءِ ماحول ٺھي رھيو آھي، قادر بخش زئور لکيو ته زبردست اعلان، ڌريون گڏ ھونديون ته جدوجھد نتيجا ڏيندي، زبير جکرو لکيو ته وقت جي ضرورت آھي اتحاد کي اڃا سگھارو بڻائجي رھيلن کي به ساڻ کڻجي ته دشمن ۽ مخالف بلڪل اڪيلا ٿين، اويس ملاح لکيو ته اميد آهي ته اهو ڪارائتو ثابت ٿيندو ڇاڪاڻ ته ڪئنالن خلاف صرف سياسي پارٽيون نه پر سنڌ جو عوام اٿي کڙو ٿيو آهي پوءِ ڪهڙي به مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ هجي. فيض احمد لکيو ته سنڌ تڏهن يتيم ٿي جڏهن مير مرتضي’ ڀٽو ۽ بشير خان قريشي، ڊاڪٽر خالد محمود سومرو شھيد ٿيا، مظهر علي شاهه لکيو ته الله سائين رحم ڪري. واقعي ٻڌي ڪن، صحيح فيصلا ڪري پنهنجو پورو پاڻي وٺڻ ۾ ڪامياب وڃن. ولي محمد لکيو ته اسلام آباد ۾ ڌرڻي جو اعلان ڪيو وڃي، عمر بلوچ لکيو ته اختلاف پنھنجي جڳھه تي جڏھن ڳالھه سنڌ جي بقاءَ جي اچي ته سڀ ڪجھه وساري سنڌ سان گڏ بيهڻ ئي بھادري آھي. نماڻو نوناري لکيو ته گڏجڻ سٺي ڳالهه آهي، زاهد حسين لکيو ته سڀ پارٽيون جهدوجهد ڪن پيون، الهرکيو کوسو لکيو ته منزل تي نظر، منظم ٿي سفر جاري رکجي .جمال خان، منير احمد لنڊ، منظور علي راهمون، مير راشد علي مير به سروي ۾ حصو ورتو، عمر فاروق لکيو ته سنڌو درياءَ مان نڪرندڙ ڪئنالن خلاف سنڌ جو احتجاج جاري آهي. عوام جو خدشو آهي ته انهن ڪئنالن سان سنڌ جو پاڻي گهٽ ٿيندو، زراعت متاثر ٿيندي ۽ پاڻي جي ورڇ ۾ بي انصافي ٿيندي. جيئن ته مسئلو سنڌ جي وسيلن سان سڌو واسطو رکي ٿو، ان باوجود سياسي پارٽيون اڃا تائين مڪمل طور تي هڪ پيج تي ناهن. اعتماد جي کوٽ سبب گڏيل جدوجهد ۾ رڪاوٽ آهي، جيڪا عوامي تحريڪ کي ڪمزور ڪري رهي آهي. ماهرن ۽ عوام جو مطالبو آهي ته سياسي، سماجي، ۽ مذهبي اڳواڻ پنهنجي اختلافن کي پاسيرو رکي، گڏجي هڪ پليٽفارم تان آواز اٿارين. تازو ڪجهه اڳواڻن گڏجي هلڻ جو اعلان ڪيو آهي، جيڪو اميد جوڳي اڳڀرائي آهي. جيڪڏهن سنڌ متحد ٿئي، ته ڪئنالن وارو منصوبو بند ڪرائڻ ممڪن ٿي سگهي ٿو. مجيب سنڌي لکيو ته اها هڪ تمام سٺي ڳالھه آهي ته سڀ سياسي سماجي پارٽيون متحد ٿيون آهن، خليل درس لکيو ته ڪجهه پارٽيون رهيل آهن انهن کي به اعتماد م وٺڻ گهرجي حڪمت عملي ھاڻي سخت ھئڻ گهرجي، راجڪمار اوڏ لکيو ته ڪئنال سنڌ جي جياپي جو مسئلو آهي سڀني پارٽين کي گڏجڻ گهرجي، گل حسن شر لکيو ته ھڪ پيج تي گڏيا آھن ته ھاڻي سگھاري گڏيل جدوجھد وسيلي ڪئنال منصوبي خلاف تاريخي احتجاج ڪري ان منصوبي کي ھميشه لاءِ دفن ڪرائڻ تائين احتجاج جاري رکڻ گھرجي، عبدالستار لکيو ته گڏيل جدوجهد سان بھترين نتيجو نڪرندو، پريتم ڪمار، وسيم گل حسن جتوئي، ديدار بلوچ، نور بلوچي، مظهر مصطفيٰ به سروي ۾ حصو ورتو، بشير ميراڻي لکيو ته بهترين قدم آهي، سنڌ جون سڀئي ڌريون هڪ پيج تي اچي وينديون ته جدوجهد منظم ۽ سگهاري ٿيندي، خالد لغاري، مظفر شبير بوزدار، عامر بخش لغاري، وفا مير هليو، اياز ڪولاچي، عاطف علي سولنگي، ولايت ڪيريو، شاهنواز ڪوهستاني، آصف خان خشڪ، علي جان، رفيق ڪمبوهه، ايم فياض وساڻ، عاشق چانڊيو، امين فهيم زئور، اياز کهاوڙ، علي مراد لاشاري، عنايت الله ملاح، اصغر حسين ۽ ٻين به سروي ۾ حصو ورتو.