اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ايندڙ مالي سال پاڪستان کي پرڏيهي ذريعن مان 25 ارب ڊالر کان وڌيڪ فنانسنگ جي ضرورت پوندي. ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ دوست ملڪن کان ورتل 12 ارب ڊالر جا قرض رول اوور ڪرايا ويندا. ذريعن موجب ايندڙ مالي سال ۾ سعودي عرب کان 5 ارب ڊالر، متحده عرب امارات کان 3 ارب ڊالر، چين کان 4 ارب ڊالر جو قرض رول اوور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. سعودي عرب ۽ چين جي 9 ارب ڊالر جو قرض رول اوور ڪرائڻ جي ذميواري ناڻي وزارت جي هوندي. متحده عرب امارات جي 3 ارب ڊالر قرض کي رول اوور ڪرائڻ جي ذميواري اسٽيٽ بئنڪ جي هوندي. ذريعن موجب ايندڙ مالي سال ۾ پروجيڪٽ فنانسنگ جي مد ۾ 4.6 ارب ڊالر حاصل ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ عالمي بينڪ، ايشيائي ترقياتي بينڪ ۽ ٻيا مالياتي ادارا شامل آهن. سعودي آئل فيسليٽي جي مد ۾ ۽ ٻين موخر ادائگين جي مد ۾ 2 ارب ڊالر جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي. ايندڙ مالي سال چين جي مارڪيٽ ۾ 20 ڪروڙ کان 25 ڪروڙ ڊالر جا پانڊا بانڊز وڪرو ڪرڻ جو هدف آهي. ذريعن موجب ايندڙ مالي سال 3.2 ارب ڊالر چائنيز ڪمرشل لون ري فنانسنگ، چين جي بينڪن کان 1 ارب ڊالر جو نئون ڪمرشل قرض به نئين ڪمرسل فنانسنگ جو هدف آهي. آءِ ايم ايف کان ايڪسٽينڊڊ فنڊس فيسليٽي پروگرام تحت 2 ارب ڊالر حاصل ٿيڻ جا امڪان آهن.