اسلام باد(بيورو رپورٽ) مذهبي معاملن واري وزارت چيو آهي ته حج 2026 لاءِ رجسٽريشن وارو عمل جاري آهي، وزارت جي آن لائين پورٽل ۽ 15 نامزد بئنڪن ذريعي رجسٽريشن جي سهولت موجود آهي. ترجمان مطابق حج 2026 لاءِ رجسٽريشن جي آخري تاريخ 9 جولاءِ مقرر ڪئي وئي آهي، رجسٽرڊ ٿيل ماڻهن کي سرڪاري يا نجي حج اسڪيم ۾ شموليت جو اختيار هوندو، پاڪستاني پاسپورٽ رکندڙ ٻاهر ملڪ ويٺل پاڪستاني به آن لائين پورٽل ذريعي رجسٽريشن ڪرائي سگهن ٿا. پاڪستان مان حج 2026 لاءِ رجسٽريشن ڪرائڻ لازمي آهي. حج پيڪيج جا خرچ ۽ ٻيا شرط حج پاليسي 2026 جي تحت الڳ جاري ڪيا ويندا.