ڪراچي (اسپورٽس نيوز) افغان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان حشمت الله شاهدي چيو آهي ته دٻاءَ جو شڪار ناهيون ۽ ايندڙ رائونڊ ۾ پهچڻ جي ڀرپور صلاحيت رکون ٿا.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حشمت الله شاهدي چيو ته اسان جو سڄو ڌيان سٺي ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي آهي، اسان مقابلي لاءِ تيار آهيون، ماضي جي ڀيٽ ۾ اسان جي ڪارڪردگي ۾ وڏي تيزي سان تبديلي آئي آهي.هن چيو ته اسان کي هتي سپورٽ ڏسي وڏي خوشي ٿي آهي، رانديگر طور اسان جو ڪم ميچ کيڏڻ آهي، ٻاهر ڪهڙيون ڳالهيون ٿي رهيون آهن خبر ناهي، اسان جو هدف ٽائيٽل کٽڻ آهي.واضح رهي ته افغانستان ۽ ڏکڻ آفريقا جون ٽيمون سڀاڻي ڪراچي ۾ آمهون سامهون ٿينديون.