ڪراچي(ڪامرس نيوز) ايندڙ مالي سال جي بجيٽ لاءِ ٽيڪس اوڳاڙي جو هدف 14.3 ٽرلين رپيا مقرر ٿيڻ جو امڪان آهي. جيڪو هلندڙ مالي سال کان 2 ٽرلين رپيا وڌي آهي جنهن لاءِ 50 ارب رپين جا اضافي قدم کڻڻا پوندا. حڪومت ان هدف کي حاصل ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. ٽيڪس هدف جي ڊي پي جو 11 سيڪڙو رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.