اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي سرڪاري ملازمن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله جي صدارت هيٺ قائم ڪميٽي جو ٻيو اجلاس ٿي گذريو. اجلاس ۾ طارق فضل چوڌري، ناڻي وزارت ۽ اسلام آباد پوليس جي نمائندن ۽ سول سرونٽس گرينڊ الائنس جي عهديدارن پڻ شرڪت ڪئي. راڻا ثناءٌ الله چيو ته آل گورنمينٽ ايمپلائيز گرينڊ الائنس جي عهديدارن ڪميٽي کي پگهارن ۾ فرق، پگهار ۽ پينشن ڪميشن جي سفارشن تي عملدرآمد سميت ٻيا مطالبا پيش ڪيا. وزيراعظم سرڪاري ملازمن کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪرڻ جي خاص هدايت ڪئي آهي. نظرثاني ڪميٽي وفاقي حڪومت جي معذور ملازمن جي الائونس ۾ واڌ جي سفارش ڪندي. ڪميٽي وفاقي حڪومت استادن لاءِ تازي ٽيڪس ڪٽوتيءَ ۾ رليف جي پڻ سفارش ڪندي. هن چيو ته پگهارن جي فرق جي خاتمي لاءِ هڪ ذيلي ڪميٽي ڪم ڪري رهي آهي. ذيلي ڪميٽي پگهارن جي فرق جي خاتمي ۽ ٻين مسئلن جي حل لاءِ مالي تخمينو لڳائي رهي آهي.  آءِ ايم ايف پروگرام سبب حڪومت کي سمورا مطالبا پورا ڪرڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن. ايندڙ بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن کي وڌ کان وڌ رليف ڏيڻ تي به ڪم ڪيو پيو وڃي. مسئلن جي حل لاءِ قابل عمل تجويزن تي فوري طور عمل ڪيو پيو وڃي.