حيدرآباد (رپورٽ: منير راڄڙ) موٽر وي اسڪينڊل معاملو، ايم 6 موٽر وي منصوبي جا اربين رپيا واپس نه ٿي سگهيا، جاچ ادارن جي جاچ رپورٽن جا نتيجا، زمين جي حاصلات جا رڪارڊ، بينڪ اسٽيٽمينٽ ۽ ڪيش بڪ آڊٽ لاءِ پيش نه ڪيا ويا، آڊيٽر جنرل آف پاڪستان معاملي جي جاچ لاءِ هڪ اعليٰ سطحي ڪاميٽي جوڙڻ ۽ غيرقانوني طور تي منتقل ڪيل رقم جي وصولي لاءِ سخت قدم کڻڻ ۽ ڏوهن ۾ ملوث ماڻهن کان رقم وصول ڪرڻ جون سفارشون ڏنيون ويون آهن. تفصيل موجب ڊپارٽمينٽ جي آفيسرن / ملازمن پاران نيشنل هاءِ وي اٿارٽي، ڄامشورو ايم 6 موٽروي منصوبي لاءِ نومبر 2022ع ۾ آفيس کي فنڊ مختص ڪيا. آڊيٽر جنرل آف پاڪستان پنهنجي 2024ع جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي. 2024ع جي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو ته 519 ملين ڊالر جي رقم منتقل ڪئي وئي. آڊٽ رپورٽ ۾ نشاندهي ڪئي وئي آهي ته سروسز ڊپارٽمينٽ، جنرل ايڊمنسٽريشن، ۽ ڪوآرڊينيشن ڊپارٽمينٽ حڪومت سنڌ جي ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز ۽ ڊپٽي ڪمشنر مٽياري جي آفيسن جي 22-2023ع جي مالي سال دوران آڊٽ ۾ اهو مشاهدو ڪيو ويو ته 5,194.039 ملين رپيا رقم غيرقانوني طور تي منتقل ڪئي وئي. ڊپارٽمينٽ جي آفيسرن / ملازمن پاران نيشنل هاءِ وي اٿارٽي، ڄامشورو ايم 6 موٽروي منصوبي لاءِ نومبر 2022ع ۾ آفيس کي فنڊ مختص ڪيا. ان کان علاوه ميڊيا ۾ نمايان ٿيل موٽروي اسڪينڊل جو مڪمل رڪارڊ، نيب / اينٽي ڪرپشن يا ڪنهن ٻئي ايجنسي پاران ڪيل تحقيقات جا نتيجا، زمين جي حاصلات جا رڪارڊ، بينڪ اسٽيٽمينٽ ۽ ڪيش بڪ فراهم ڪيا وڃن. آڊٽ جو خيال آهي ته مقامي آفيس انتظاميا مناسب زمين جي حاصلات جي طريقيڪار ۽ مالي قانون ۽ ضابطن تي عمل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته معاملو آگسٽ ۽ ڊسمبر 2023ع جي وچ ۾ انتظاميا کي ٻڌايو ويو پر ڪو جواب نه مليو. لکت جي درخواستن جي باوجود اجلاس نه منعقد ڪيو ويو. آڊٽ سفارش ڪئي ته معاملي جي جاچ لاءِ هڪ اعليٰ سطحي ڪاميٽي قائم ڪئي وڃي ۽ غيرقانوني طور تي منتقل ڪيل رقم جي وصولي لاءِ سخت قدم کنيا وڃن ۽ ڪرپشن ۾ ملوث عملدارن کان وصولي ڪري انهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.